عربي ڳاهو: مرزا شاھہ حسن حڪمرانيءَ جي آخري سالن ۾، سخت بيمار ٿي رهيو. حڪيمن جي هدايت تحت ٺٽي ۾ رهڻ بجاءِ، پاڻ سڄو ڏينهن ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪندي باقي رهيل عمر گذارڻ لڳو. ان پس منظر ۾ پاڻ هڪ حڪمران طور ڪمزور ٿيندو رهيو. ارغون ۽ ترخان، ملڪ ۽ مال تي وڙهڻ شروع ٿي ويا. ٺٽي شھر ۾ خون خرابو ٿيڻ لڳو. اهڙيءَ حالت ۾ مرزا شاھہ حسن مجبور ٿي، مقامي سنڌي ماڻهن کان مدد ورتي. ٺٽي جي اربابي ‘عربي ڳاهو’ کي ملي. عربي ڳاهو ۽ هن جو پٽ، ترخانن کي طاقت جي زور تي ضابطي ۾ رکڻ لڳو. ٻيو مقامي ماڻهو اسماعيل بٺارو به، ڳاهن جي طاقت جو ڀرجهلو ٿي پيو. هي تذڪرو سيد مير محمد (ترخان نامو)، پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي. عربي ڳاهو ٺٽي بجاءِ تغلق آباد ۾ رهي، مرزا جي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ لڳو. ان کان سواءِ ٺٽي شھر جي نگراني ‘شنبي’ ۽ ‘رفيق’ جي حوالي ٿي. هي واقعا 960 ھہ- 961ھہ (1552ع- 1553ع) جا آهن. مرزا شاھہ جي وفات کان پوءِ، ملڪ سنڌ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيو. بکر جي نوابي سلطان محمود کي ملي. جڏهن تہ ٺٽي تي ترخانن جي حڪومت قائم ٿي، ۽ اتي مرزا عيسيٰ ترخان حڪمران ٿي ويٺو.
عربي ڳاهو جيترو بہ وقت ٺٽي جو نواب رهيو، ان عمدي طريقي سان ملڪ جي انتظام کي هلايو. امن امان قائم ڪيائين. باغين کي سوڙهو ڪيائين. مرزا شاھہ حسن ارغون جي حڪومت کي بچائڻ ۾ مکيہ ڪردار ادا ڪيائين. ٺٽي جي تذڪره نويسن، عربي ڳاهي ۽ اسماعيل بٺاري کي خوب خوار ڪيو آهي. ان دور ۾ ترڪ امير البحر سيدي علي رئيس، گجرات کان ننگرپارڪر پهتو ۽ آخرڪار سفر ڪندي، اچي ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن پنھنجي سفرنامي ۾ ملڪ جي سياسي ماحول بابت مواد ڇڏيو آهي. ٺٽي جي مؤرخن جن عملدارن کي خوار خراب ڪندي، سخت جملا لکيا آهن، انهن لاءِ سيد علي رئيس جي لکت آهي ته، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي تخت گاھہ ٺٽي جو ڪماندار عيسيٰ ترخان، شاھہ حسن مرزا جي چند لائق اميرن کي قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪري ويٺو هو، جيڪو نصرت آباد (تغلق آباد) جي قلعي ۾ گڏ ٿيل هو. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص 273). اهي لائق امير عربي ڳاهو ۽ اسماعيل بٺارو هئا، جن لاءِ سيدي علي رئيس اهڙا لفظ لکيا آهن. جڏهن تہ سنڌ جي تاريخ نويسن اهڙن لائق اميرن کي بڇڙن لفظن سان ياد ڪيو آهي!