
عرس چانڊيو
عرس چانڊيو: يڪتاري چپڙي جي مشھور لوڪ فنڪار عرس چانڊيي جو جنم 1970ع ڌاري گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ ميرپور، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ عرض محمد جي گهر ۾ ٿيو. عرس چانڊئي جي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪري سگهيو. ڳائڻ جي شوق سبب وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو. سندس خاندان جو تعلق راڳ سان هو. هن ابتدائي سکيا پنھنجي مامي استاد پنھل چانڊئي کان ورتي. بعد ۾ نامور فنڪار جلال چانڊئي جو شاگرد ٿيو. سندس شمار جلال چانڊئي جي ويجهن شاگردن ۾ هو، جنهن کان هن سڳو ٻڌرائي ڳائڻ شروع ڪيو. هن گائڪي توڙي لباس جي حوالي سان پنھنجي استاد جلال چانڊئي جو انداز اپنايو. هن جلال چانڊئي سان گڏ پڻ ڳايو. پنھنجي استاد جي وفات بعد هن سنڌ سميت پوري ملڪ ۽ ٻين ملڪن ۾ وڏو نالو ڪمايائين. هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست جي ميلن سميت ٻين ڪيترن ئي بزرگن جي عرسن تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. عرس چانڊيي جون سوَن جي تعداد ۾ آڊيو ڪئسيٽون ۽ سي. ڊيز رليز ٿي چڪيون آهن. هن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ پروگرامن سميت دبئي، سعودي عرب ۾ پڻ ڳايو.عرس چانڊيو 1990ع اباڻو ڳوٺ ڇڏي ڄام شوري ۾ رهائش پذير ٿيو. جتي آخر تائين رهيو. هيءُ سڱاوتي تڪرار ۾ ڪجهہ عرصو جيل پڻ ويو. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن ۽ سنڌي چئنلن تان نشر ٿيندو رهي ٿو. هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. کيس خدمتن عيوض ڪيترا اوارڊ پڻ مليا. سندس ٻہ شاديون ٿيل هيون. جن مان پنجن پٽن ۽ اٺن ڌيئرن جو اولاد ٿيو. هن گڙدن جي بيماريءَ سبب هن 7 مئي 2017ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڳوٺ جي آبائي قبرستان ۾ آهي.