عرس ڏاهري

عرس ڏاهري

عرس ڏاهري

عرس ڏاهري: ملھہ پهلوان عرس ڏاهريءَ جو پورو نالو محمد عرس ڏاهري آهي. سندس تعلق دولتپور، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز سان آهي. ملھہ جي شروعاتي سکيا محمد سليمان ميربحر کان ورتائين. استاد کيس سکيا ڏيڻ بعد شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. استاد کان اجازت ملڻ بعد هڪ سال تائين مقامي ملاکڙن ۾ وڙهندو رهيو. 1978ع ڌاري پهرين جوڙ ۾ شامل ٿيو. ڪيترن ئي پهلوانن جي مقابلي ۾ سوڀ ماڻي اٿس. جنهن بعد ٻئي جوڙ ۾ شامل ٿيو. ٻئي جوڙ ۾ در محمد عالماڻيءَ کي استاد ورتائين. هن سڄيءَ سنڌ جي ملاکڙن ۾ شريڪ ٿي، ٻئي جوڙ جي پهلوانن سان مقابلا ڪري سرسي حاصل ڪئي. مقابلي دوران سندري ۾ هٿ وجهڻ بعد تڪڙو فيصلو ڪندڙ پهلوان رهيو آهي. پاڻ هميشہ اتر جي پهلوانن جي طرف کان رهيو. کيس ڪيترا انعام پڻ مليا. 1993ع ڌاري ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏنائين.


لفظ عرس ڏاهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو