عرفانه ملاح

عرفانه ملاح

عرفانه ملاح

عرفانه ملاح: نامور اديب، ڪالمنگار ۽ عورتازاد اڳواڻ عرفانا ملاح، 27 آگسٽ 1974ع تي سيتا وليج، تعلقي دادوءَ ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول سيتا وليج مان، ثانوي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتا وليج مان حاصل ڪيائين، جتي سندس والد هيڊماستر هو. هن ايم. ايس. سي (ڪيمسٽري) ۾ ڪرڻ کان پوءِ مختلف نوڪريون ڪيون. تحقيق لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. فل پئي ڪئي تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچرار لاءِ اشتهار آيو. هوءَ سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آئي. سندس پهرين ملازمت آگسٽ 2000ع ۾ نذرت ڪاليج ۾ ڪيمسٽريءَ جي ليڪچرار طور ٿي. ليڪچررشپ دوران هن پنھنجي تعليم بہ جاري رکي. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽريءَ جي شعبي ۾ پروفيسر آهي، جتان هن پي. ايڇ. ڊي بہ ڪئي آهي. هن جي اهم سڃاڻپ عورتازاد تحريڪ جي حوالي سان پڻ آهي ۽ وومـيـن ايڪـشـن فـورم سـان گـڏ عورتن کي شعور ۽ سجاڳي ڏيڻ لاءِ ‘وومين ريسرچ ۽ پبليڪيشن’ نالي هڪ ادارو بہ کوليو. ان کان سواءِ هڪ فيمنسٽ فورم پڻ کوليو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪجهہ ورڪشاپ، سيمينار ۽ بحث مباحثن جا پروگرام جاري ڪيا، عورت جي درجي کي سمجهڻ لاءِ هن ڪافي مطالعو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هن پنھنجي ملڪ اندر ٿيندڙ سيمينارن ۽ اسٽڊي سرڪلن ۾ شرڪت پڻ ڪئي آهي. هوءَ ان سلسلي ۾ ڪالم ۽ مضمون پڻ لکندي رهي ٿي ۽ عورتن جي سلسلي ۾ هلندڙ توڙي ٻين ڪرنٽ اشوز بابت ڪي. ٽي. اين چئنل تي هلندڙ پروگرامن جي ميزبان رهندي اچي ٿي. عرفانه ملاح هڪ متحرڪ شخصيت آهي. سندس رهائش ڄام شوري ۾ آهي.


لفظ عرفانه ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.08.27  عيسوي

نامور اديب، ڪالمنگار ۽ عورتازاد اڳواڻ عرفانا ملاح، 27 آگسٽ 1974ع تي سيتا وليج، تعلقي دادوءَ ۾ اک کولي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دادي ليلاوتي هرچنداڻي
بيگم عبدالله چنا
تيمور لنگ
سھجرام توشڪچي
آدمجي حاجي دائود
علي محمد شاھہ
ٽھلراماڻي آنند
ڄام صديق ابڙو
جويو خدا بخش
عدر سلطان ميان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون