عرفان مهدي

عرفان مهدي

عرفان مهدي

عرفان مهدي: نامور قومپرست، شاعر، اديب ۽ ڪمپيئر عرفان مهدي ولد غلام مهدي ميمڻ، 31 جولاءِ 1966ع تي هالا پراڻا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي، ايل. ايل. بي هئي. اٺين ڪلاس ۾ ‘وک وڌايو پبليڪيشن’ جو بنياد وڌائين. جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيرائي ڪتاب ڇپرايائين. عرفان مهدي ‘جيئي سنڌ’ جي شاگرد تنظيم ۾ پڻ رهيو. هن ڪيترن ئي قومي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي. اهو ئي سبب هو جو پنھنجي ذهانت جي ڪري جي. ايم. سيد کي ويجهو رهيو. عرفان مهدي ‘جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ (جساف) جو مرڪزي پريس سيڪريٽري پڻ رهيو. عرفان مهدي امرتا پريتم جي هڪ ناول جو ‘هڪ اداس ڇوڪري’ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن 4 آگسٽ 1991ع تي درياھہ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. سندس مرتئي تي ڪتاب پڻ ڇپيو.


لفظ عرفان مهديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.07.31  عيسوي

نامور قومپرست، شاعر، اديب ۽ ڪمپيئر عرفان مهدي ولد غلام مهدي ميمڻ، 31 جولاءِ 1966ع تي هالا پراڻا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو.


1991.08.04  عيسوي

عرفان مهدي 4 آگسٽ 1991ع تي درياهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. سندس مرتئي تي ڪتاب پڻ ڇپيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پپو سمراٽ
پروانو سيوهاڻي
ڄيٺي سپاهيملاڻي
شورو ڄام خان
درس ظهورالحسن مولانا
آري
جهامون ڀيو
آري شينهائي
صديقي محمود الحسن ڊاڪٽر
ڀوڄراج شيوڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون