جعفراڻي عبدالعزيز

جعفراڻي عبدالعزيز

عزيز جعفراڻي

عزيز جعفراڻي :اديب ،استاد۽ تعليمدان عبدالعزيز جعفراڻي 18 جنوري1944ع تي جاتيءَ ۾ جنمورتو .سندس پيءُ محمد جمنجعفراڻيپـيـشـي جي لحـاظ کان اسـتاد هـو،انلاءِ عزيز جعفراڻيبنيادي تعليمپنهنجي پيءُ جي رهنمائيءَ ۾ جاتي ،ميرپورساڪري ۽ سجاول جي پرائمري اسڪولن مان حاصل ڪئي .هـن مئٽرڪ چانڊيا هاءِ اسڪول سجاول مان ۽ انٽـر آرٽـس ڪـاليج مڪـليءَ مان ڪئي. 1960ع ۾ پرائمـري اسـتاد ۽ 1965ع ۾ سيڪنڊري استادطور سجاول ،ميرپور بٺوري ۽ ٺٽيهاءِ اسڪول ۾ ملازمت ڪئي . پرائيويٽ طور بي اي ،بي .ايڊ ۽ ايم .ايڊ بہ ڪئي . شروع کان وٺي تاريخ۽ تحقيقسان لڳاءُ هئڻ سبب وقت بہ وقت تاريخي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. ٺٽي ۽ سجاول جيتاريختي سندس وڏو ڪم ڪيل آهي. ان ڏس ۾ ’تاريخ سجاول‘ (1986ع)، ’تاريخ جاتيجا نوان ورق‘ (2004ع)، ’سجاول جي سماجي ،ثقافتي ۽ سياسي تاريخ‘ (2009ع) (جيڪو پهرئين ڪتاب جو وڌايل ۽ سڌاريل ايڊيشن آهي) ۽’مقالاتِ عزيز‘ (2012ع) سندس اهم ڪتاب آهن. پاڻ جنهن بہ اسڪول ۾ رهيو،اتيادبي ماحول پيدا ڪيو. هن سجاول هاءِ اسڪول مان ’سجاول مئگزين‘،ڪميونٽي بيسڊ اسڪول جاتي مان ’العلم‘، پرفيڪٽ اسڪول سسٽم ٺٽيمان ’القانح ‘اسڪول مئگزين، مڪلي هاءِ اسڪول مان ’مڪلي‘ نيوز ليٽر ۽جاتي هاير سيڪنڊري اسڪول مان ’مگرڀين‘مئگزين ڪڍي علم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو .کيس، انگريزي کان علاوہ فارسي، عربي ۽ پشتو زبانن تي دسترس حاصل هئي. حضرت شاھہ، عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي پشتو ۾ ترجمو ڪرڻ جي خواهش هئس مگر ڪجهہ ذاتي سببن ڪري ان خواهش جي تڪميل نہ ڪري سگهيو. ان کانسواءِ کيسڪمپيئرنگ تي پڻ ملڪو حاصل هو.سندس ٻيو نمبر ڀاءُشمس جعفراڻيسنڌ حڪومت۾ ثقافتکاتي جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. 1967ع ڌاري سجاول شھر ۾ ’محمد بن قاسم‘ نالي سان سندس قائم ڪيل لائبرري اڄ بہ مشھور آهي، جنهن ۾ 25 هزار کان وڌيڪ ڪتابي ذخيرو موجود آهي.9 اپريل 2009ع تي سجاول ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.01.18  عيسوي

بدالعزيز جعفراڻيءَ 18 جنوري 1944ع تي جاتيءَ ۾ جنم ورتو .


2009.03.09  عيسوي

عزيز جعفراڻيءَ 9 مارچ 2009ع تي وفات ڪئي . کيس سجاول جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سر شاهنواز خان ڀٽو
دليپ ڪمار ڪوهستاني
سرفراز ڪلهوڙو
رميش هيرانند ڪرناڻي
خانبهادر عظيم خان دراني
چندر پٽ سيلائج
ڏيپچند ٽي اوجها
راورٽي ميجر هينري جارج
صديق سمراٽ
فاطمہ زهريٰ قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون