
عزيز سانگي
عزيز سانگي: اداڪار، هدايتڪار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر، عزيز سانگيءَ جو اصل نالو وزير علي آهي. سندس جنم 7 جون 1970ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيو. سندس تعليم آءِ. آر ۾ ماسٽرس آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ سان دلچسپي هئي. هن پنھنجي فن جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘عشق تہ منهنجو’ هو، جنهن بعد هن اٽڪل 30 کن اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو. جن ۾ عاشقي، دهشتگرد، ڪرائي جا قاتل، ڪوبرا، ڪارو نانگ، ڪاريهر جو موت، جذبات، جنون وغيرہ قابل ذڪر آهن.
عزيز سانگيءَ جي پي. ٽي. وي ڊرامن ۾: ڇوٽڪارو، وفائن کان پوءِ، ڪي. ٽي. اين جي ڊرامن ۾: تپش، وڪوڙيل وجود، پٿر دنيا، ڪارو سج وغيرہ قابل ذڪر آهن. هن ‘پٿر دنيا’ ڊرامي ۾ ‘خانو خر دماغ’ جو ڪردار ادا ڪيو. جنهن کيس شھرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. هن ڪي. ٽي. اين جي ڪجهہ سولو ڊرامن جا اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن، جن ۾ ڪٽنب، وهم، ۽ ڀروسو اهم آهن. هدايتڪار طور سندس هي ڊراما: ‘لکيو منجهہ نراڙ’، ‘منگتو’، ‘ڳاڙها گلاب’، ‘چڻنگ’، ‘ويري تہ بہ واهرو’ وغيرہ قابل ذڪر آهن.
عزيز سانگي مختلف سنڌي چئنلن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. عزيز سانگي 2017ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. پاڻ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.
1970.06.07 عيسوي
اداڪار، هدايتڪار ۽ اسڪرپٽ رائيٽر، عزيز سانگيءَ جو اصل نالو وزير علي آهي. سندس جنم 7 جون 1970ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.