عزيز قاسماڻي

عزيز قاسماڻي

عزيز قاسماڻي

عزيز قاسماڻي: ڪهاڻيڪار عزيز قاسماڻيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز ولد سرمد چانڊيو آهي. سندس جنم 16 مارچ 1971ع تي ڳوٺ جمعي خان، تعلقي قبو سعيد خان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميرڻ ماڇيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول قنبر مان، انٽر شاھہ لطيف ڪاليج قنبر مان، بي. اي شاھہ لطيف اورينٽل ڊگري ڪاليج قنبر مان ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ مهراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان پرائيويٽ اميدوار طور 2000ع ۾ ڪئي. عزيز قاسماڻيءَ علمي زندگيءَ جي شروعات پرائمري استاد طور 1990ع ۾ ڪئي. بعد ۾ تعليم کاتي ۾ بيٽ هزار واھہ تي سپروائيزر رهيو. 2012ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد بيورو آف ڪريڪيولم کاتي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن گورنمينٽ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو، گورنمينٽ وومين اليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻو، ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻي کان سواءِ دادوءَ ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن دادو ۽ جيڪب آباد گورنمينٽ اليمينٽري ايجوڪيشن ڪاليج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هينئر لاڙڪاڻي بي ايڊ ڪاليج ۾ استاد آهي. عزيز کي ادبي ماحول پنھنجي والد سرمد چانڊئي کان مليو. هن لکڻ جي شروعات 1990ع ڌاري ڪئي. هيءُ سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر ۽ لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل آهي. هو ٻنهي شاخن جو ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي رهيو آهي. هي سرمد اڪيڊمي قنبر ۽ اياز ادبي اوطاق سنڌ کان سواءِ ڪيترن ئي ٻين ادارن جو بنياد رکندڙ، باني ميمبر ۽ اڳواڻ رهيو آهي. هيءُ ماهوار رسالن: ‘موکي’ ڪراچي، ‘سڳنڌ’ ڪراچي ۽ ٻہ ماهي رسالي ‘قلمڪار’ لاڙڪاڻي جو بنياد وجهندڙ ۽ ماهوار
رسالي ‘نئين آس’ (شھدادڪوٽ) جو جوائنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘ڪجهہ بہ نہ’ (ڪهاڻيون: 2007ع)، ‘مان اوهان مان ناهيان’ (ڪهاڻيون: 2017ع) قابل ذڪر آهن. سندس ماسٽرس جو مونوگراف ‘شيخ اياز جي فن ۽ شخصيت’ تي آهي. هي سنڌ حڪومت طرفان نان فارمل ايجوڪيشن کاتي جو ٽيچرس گائيڊ ۽ نان فارمل ايجوڪيشن نصاب ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي.
عـزيـز قاسماڻي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. فل ڪري رهيو آهي. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ ‘بھترين ڪهاڻيڪار اوارڊ’ (سنڌي ادبي سنگت قنبر: 2011ع)، ‘محسن ڪڪڙائي اوارڊ’ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ (2014ع) قابل ذڪر آهن. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.03.16  عيسوي

ڪهاڻيڪار عزيز قاسماڻيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز ولد سرمد چانڊيو آهي. سندس جنم 16 مارچ 1971ع تي ڳوٺ جمعي خان، تعلقي قبو سعيد خان، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا رفيق
جگجيت سنگهہ
ديبلي ابو موسيٰ
راجا پرويز اشرف
اي آرملڪ ڊاڪٽر
پٺاڻ آغا طارق
ڏاهري محمد ادريس
الھہ بخش سگهڙ 1
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
قرت العين حيدر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون