عشرت گل

عشرت گل: مشھور اداڪار ۽ ليکڪ عشرت گل جو اصل نالو گل محمد آهي. سندس جنم پهرين جنوري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس تعليم مڊل آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جي فن سان دلچسپي هئي. هن پنھنجي فن جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘کل سھڻا کل’ آهي. سندس مشھور ٻين اسٽيج ڊرامن ۾ ‘ڀاڳ تہ منهنجو’، ‘قرباني’، ‘شادي آهي تعدي’، ‘زال ڪري ٿي تال’، ‘چورن مٿان مور’ وغيرہ قابل ذڪر آهن. سندس اداڪاريءَ ۾ ڪيترا ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. جن ۾ ڪي. ٽي. اين جي مشھور ڊرامن ‘پٿر دنيا’، ‘ڪڏهن تہ ملنداسين’، ‘غريب آباد جي عذرا ۽ شمي’ قابل ذڪر آهن. هي ريڊيو پاڪستان جي ڪيترن ئي ڊرامن ۽ پي. ٽي. وي جي ناٽڪ سڀا ۽ رس چس ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. عشرت گل هڪ سنڌي ٽيلي فلم ‘زندگي ’ پڻ لکي، جنهن ڏسندڙن ۾ مقبوليت ماڻي. هن سنجيدہ اداڪاريءَ کان سواءِ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ مزاحيہ اداڪاري پڻ ڪئي. مزاحيہ ڊرامي ‘زال ڪري ٿي تال’ ۾ سندس اداڪاري پسند ڪئي وئي. هيءُ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عشرت گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.01.01  عيسوي

مشهور اداڪار ۽ ليکڪ عشرت گل جو اصل نالو گل محمد آهي. سندس جنم پهرين جنوري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد جمالو خان
حامد علي ميمڻ ماستر
رڪ صاحب فقير
شيخ محمد سنڌي
آغا سليم
آخوند احمد سانوڻي ھالائي
پورس
پريانڪا چوپڙا
چوڌري رحمت علي
ڪمال راهمون ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون