
عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪر
عشق جي اصلي ڳالھہ نہ ڪر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سگهڙ ۽ شاعر گل محمد فقير لھر بلوچ جي ڪلام تي مشتمل آهي. جنهن کي ٻن اديبن نياز مسرور بدوي ۽ عبدالجبار عاجز منگيءَ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ گل محمد فقير جو حمديه، نعتيه ڪلام سميت منقبت، گفتا، پهاڪا ۽ مرثيہ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي ڪلام سان گڏ سرائيڪي ڪلام پڻ شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ بيدل مسرور لکيو آهي، جڏهن تہ مقصود گل، مختيار گهمري ۽ عبدالجبار عاجز منگيءَ جا رايا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 208 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور، اپريل 1999ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 75 روپيا آهي.