عصر، سورة: قرآن مجيد جي نمبر 103 سورت العصر هڪ رڪوع ۽ فقط ٽن آيتن تي مشتمل آهي. عالمن جي راءِ آهي تہ هي سورت مڪي ۾ لٿي، پر ڪن مفسرن وٽ هي مدني سورت آهي. مفسرن ۽ محققن جي خيال موجب هي سورت ٿورن لفظن جو بينظير نمونو آهي. هن جي چند توريل تڪيل لفظن ۾ معنيٰ جو هڪ سمنڊ ڀريو ويو آهي، جنهن جو پوري ريت بيان ڪرڻ جو حق ادا ڪرڻ مشڪل آهي. هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ وقت نڪتو پيو وڃي ۽ جيڪو شخص ان جو قدر نہ ٿو ڪري ۽ ان کي زندگيءَ جي صورت ۾ جيڪا مهلت ملي آهي، ان مان فائدو وٺندي ﷲ تعالى ۽ ان جي رسول صلي ﷲ عليہ وسلم جن تي ايمان آڻي چڱا ڪم ٿو ڪري، اهو سراسر نقصان ۾ آهي. مفسرن لکيو آهي تہ اصحابن سڳورن وٽ هن سورت جي ايتري اهميت هئي جو جڏهن رڳو ٻہ ڄڻا پاڻ ۾ ملندا هئا تہ ان وقت تائين الڳ نہ ٿيندا هئا جيستائين هي سورت هڪ ٻئي کي نہ ٻڌائين.