عطاءُ ﷲ جان سرهندي پير

عطاءُ جان سرهندي، پير: شاعر ۽ سماجي ڪارڪن، پير عطاالله جان سرهندي، 1941ع ۾ خواجہ محمد ابراهيم جان سرهنديءَ جي گهر، ڳوٺ گلزار خليل، تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس والد زمينداريءَ سان وابستہ هو. خاندان ۾ ديني رجحان گهڻو هو. سندن خاندان ۾ ڪيترائي بزرگ وڏا عالم پڻ هئا. هن فقط ديني تعليم حاصل ڪئي، کيس ننڍپڻ کان گهمڻ ڦرڻ ۽ ادبي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هوندو هو. ڪتابن جي وسيع مطالعي ۽ ذاتي شوق سبب شاعريءَ طرف لاڙو ٿيس. شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ‘ڪسر ڇڏ ڪنواٽ’ جي نالي سان ڇپيل آهي. هي هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ گلزار خليل ۾ رهي ٿو ۽ زمينداري پيشي سان لاڳاپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو