
سردارعطاءُ الله خان مينگل
عطاءُ ﷲ خان مينگل، سردار: بلوچستان جي پهرئين وزيراعليٰ قومپرست ۽ سياسي اڳواڻ سردار عطاءَ ﷲ مينگل جو جنم 1929ع ۾ بلوچستان جي وَڍَ شھر ۾ ٿيو، پاڻ بلوچن جي شاهي زئي قبيلي جو سردار آهي. کيس ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت دوران بلوچستان جي پهرئين وزيراعليٰ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن سياست جو باقاعدہ آغاز 1958ع کان نيشنل عوامي پارٽي
(باني، خان ولي خان) ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪيو. 1970ع جي عام چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽي، بلوچستان ۽ سرحد (موجودہ خيبر پختونخوا) ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، جنهن جي نتيجي ۾ 01 مئي 1972ع تي بلوچستان جو پهريون وزيراعليٰ منتخب ٿيو. جيتوڻيڪ سندس وزارت اعليٰ جو عرصو تمام مختصر رهيو ۽ کيس 13 فيبروري 1973ع تي وزيراعليٰ جي عهدي تان دستبردار ٿيڻو پيو، تنهن هوندي بہ هن ٿوري وقت ۾ صوبي اندر پهرين يونيورسٽي، ميڊيڪل ڪاليج ۽ ثانوي تعليمي بورڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ حب، ضلعي لسٻيلي کي صنعتي شھر بڻائڻ ۾ بہ سندس ڪاوشون شامل رهيون. سندس وزارت دوران عراقي سفارتخاني، اسلام آباد مان مليل هٿيارن ۽ نواب اڪبر خان بگٽيءَ طرفان لنڊن پلان جي اعلان، بلوچستان ۽ سرحد ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي حڪومت خلاف اهو تاثر پيدا ڪيو تہ اهي بلوچستان کي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ/ آزادي جي تحريڪ هلائڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن ڪري تڏهوڪي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي بلوچستان جي صوبائي حڪومت کي تحليل ڪري اتي صدارتي نظام لاڳو ڪري ڇڏيو. ان دوران عطاءَ ﷲ خان مينگل کي سندس ٻن ساٿين غوث بخش بزنجو ۽ خير بخش مريءَ سميت گرفتار ڪري مڇ جيل موڪليو ويو. سندن ڪيس جي جاچ پڙتال لاءِ حيدرآباد ٽربيونل نالي ڪميشن ٺاهي وئي، ان ڪميشن کي ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد ضياءَ الحق ڳالهين وسيلي ختم ڪرائي 1979ع ۾ کين آزاد ڪيو.
ضياءَ الحق جي دور ۾ رحيم الدين خان کي بلوچستان جو گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو تہ سردار عطاءَالله جلاوطني اختيار ڪري برطانيہ ۾ وڃي رهيو. 31 مارچ 1985ع تي لنڊن ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جو بنياد وڌائين. 1995ع ۾ بلوچستان موٽي آيو ۽ بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جو بنياد رکيائين، جيڪا صوبي جي وڏي سياسي پارٽيءَ طور سامهون آئي، جنهن جي ٽڪيٽ تان 1997ع ۾ سندس پٽ سردار اختر مينگل ڪاميابي ماڻي بلوچستان جو وزيراعليٰ ٿيو.