عطا محمد خان ٽالپر مير

عطا محمد خان ٽالپر، مير: انگريز دور جو نامور شاعر، حڪيم مير عطا محمد ولد مير غلام نجف خان ٽالپر، 1870ع ڌاري خيرپور رياست ۾ ڄائو. سندس والد پنھنجي وقت جو نامور شاعر ۽ حڪيم هو. سندس صحبت ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. عطا محمد اڪثر عالمن، شاعرن ۽ اديبن جي صحبت ۾ رهندو هو. هن ڪيترائي شعر چيا آهن. سندس ذڪر نامور محقق ۽ اديب عطا محمد حاميءَ پنھنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ بہ ڪيو آهي. هن 1944ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مجرو ڀريان ٿي تنھنجي در تي اچي اچي،
عيبن سان هي نماڻي، پئي آ سڄي وڪاڻي،
جي شاھہ ٿيندو ساڻي، ويندس بچي بچي،
تنھنجي سخا سوائي، ڪرڪا عطا سان ڀلائي،
ٻي واھہ ناهي ڪائي، ساجن سچي سچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو