اديب عطا محمد ڀنڀرو

اديب عطا محمد ڀنڀرو

عطا محمد ڀنڀرو

عطا محمد ڀنڀرو: ناليوارو محقق، اديب ۽ مترجم عطا محمد ولد محمد بخش ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀري، تعلقي سوڀيڍيري (ضلعي خيرپورميرس) ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزيءَ جا پهريان پنج درجا ان وقت جي اي.وي اسڪول هڱورجا ۾ پاس ڪيائين . جڏهن تہ مئٽرڪ ٺري ميرواھہ جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري پوءِ خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي.اي جي ڊگري ورتائين. ايل.ايل.بيءَ جي تعليم لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي پڙهيو. قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي شروعاتي مشق گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن تہ نامياري وڪيل ۽ مشھور شاعر شيخ اياز سان گڏ هن 1970ع ڌاري ڇھہ مهينا ۽ 1980ع ڌاري پڻ ڇھہ مهينا وڪالت جي پرئڪٽس ڪئي. عطا محمد ڀنڀري 1967ع ڌاري ”هوشو“ رسالو جاري ڪيو، جنهن بعد ڊي. پـي. آر لاڳـو ٿـي. ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو 1974ع ۾ شـايـع ٿـيـو ۽ انهــيءَ ئــي عـرصـي ۾ ڀـنـڀـري صـاحـب جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. 1980ع ڌاري هن ايراني ٻاراڻي ادب جو هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ ائين انگريزي ۽ روسي ٻولين مان پڻ ٻاراڻي ادب جا بھترين ڪتاب ترجما ڪيائين. هن 1983ع ۽ 1986ع واري ايم.آر.ڊي تحريڪ جي شھيدن تي شاعري بہ تخليق ڪئي. 1989ع ڌاري عطا محمد ڀنڀرو حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ ساڳئي سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي ترجمو ڪيو ۽ ائين هن ترجمي جي فن کي باقاعدي معمول بڻايو، هن وقت تائين هو هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي، جن مان ڪي مختلف ادارن وٽان ڇپيا ۽ ڪجهہ اشاعت جا منتظر آهن. هن جاکوڙي شخص جا ترجمو ڪيل هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن: (1) ڀٽ جو شاھہ، ايڇ. ٽي. سورلي (سنڌيڪا: 1992ع)، (2) سنڌو لکت ۽ ٻولي، ايس. آر. راءُ (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1994ع)، (3) سنڌ جو مهراڻ، ايڇ. جي. راورٽي (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1995ع)، (4) سنڌو لکت جون بين القوامي لکتن سان لاڳاپو، جي. آر هنٽر (سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو: 1995ع)، (5) سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، اين. جي. محمدار (سنڌي ادبي بورڊ: 1997ع)، (6) سنڌوءَ جو سفر، اليگزينڊر برنس (سنڌيڪا:1998ع)، (7) حڪمت عملي'>سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي، ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي (سنڌيڪا: 1998ع)، (8) شينهن درياھہ'>سنڌو شينهن درياھہ، جيئن فيئرلي (سنڌيڪا: 1999ع)، (9) سنڌ بابت انگريزن جي حڪمت عملي، سي. ايل. ماڙيوالا (سنڌ تحقيقي بورڊ: 1999ع)، (10) حرگوريلا جنگ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ (نيو فيلڊس پبليڪيشن: 2000ع)، (11) سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني، ايڇ. ايم. اليٽ (نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد:2000ع)، (12) سڪندر جي ڪاھہ، ايرين (روشني: 2000ع)، (13) سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام (سنڌيڪا: 2001ع)، (14) سنڌوءَ جو موھہ، جنرل سرجارج ميڪمين (سنڌ تحقيقي بورڊ: 2002ع)، (15) تاريخ جا سبق، ول ڊيورانٽ (روشني:2002ع)، (16) سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (17) ٺٽي جا اسلامي درسگاھہ، ڊاڪٽر احمد حسن داني (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (18) ٺٽي جا ڪاتب، محمد عبدالغفور (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (19) سنڌ جيئن مون ڏني، ٽي. پوسٽنس (سنڌيڪا: 2005ع)، (20) سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن (سنڌيڪا: 2005ع)، (21) سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن (روشني پبليڪيشن: 2006ع)، (22) سنڌ هند جي قديم جاگرافي، ليگزينڊر ڪننگهام (سنڌي ادبي بورڊ:2007ع) وغيرہ. عطا محمد ڀنڀري 3 جون 2020ع تي وفات ڪئي.


لفظ عطا محمد ڀنڀروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.02.01  عيسوي

عطا محمد ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي خيرپورميرس ۾ ڄائو


2020.06.03  عيسوي

عطا محمد ڀنڀري 3 جون 2020ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم عبدالغفور سيوستاني
ايڇ ٽي لئمبرڪ
امين فقير مڱريو
پريم چند منشي
ٽالپر حاجي محمد بخش
شھاب الدين ملا
مفتي محمد عارف سعيدي
عبدالحق شيخ
استاد مجاهد چانڊيو
احسان علي لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون