عطر خان ڪلهوڙي جي قبر

عطر خان ڪلهوڙي جي قبر: هيءَ قبر، گورنمينٽ زبيدہ گرلس ڪاليج، حيدرآباد جي ڏاکڻين طرف واقع آهي. هن قبر جي چوڌاري احاطو ڏنل آهي، جڏهن تہ ميان دائود خان ڪلهوڙي کان پوءِ هيءَ ٻي قبر آهي، جنهن تي ڪوبه مقبرو اڏيل ڪونهي. هن ڪلهوڙا حاڪم ٻن سالن جي مختصر عرصي لاءِ حڪومت ڪئي، جنهن ۾ بہ ٻہ ڀيرا ميان غلام شاھہ ڪهوڙي سان ناڪام جنگ ڪيائين. سندس تجويز تي ميان احمد يار خان، سنڌ کي مختلف حصن/ ننڍين ننڍين رياستن ۾ تقسيم ڪيو. هيءَ قبر عام قبرن جيان سادي آهي، تازو سيمينٽ سان پلستر ٿيڻ ڪري قبر جا پراڻا سمورا نشان/ اڏاوت ميسارجي چڪا آهن. ميان عطر خان ڪلهوڙي لاءِ مشھور آهي ته، سندس حڪم تي ماهر رهنما/ استاد لالا موهن لعل سيوستاني سنڌ جي تاريخ تي ٻارهن جلدن تي مشتمل تاريخي دستاويز فارسيءَ ۾ قلمبند ڪيو، جيتوڻيڪ ان دستاويز بابت ڪابہ مستند ثابتي نہ ملي سگهي آهي. تنهن هوندي بہ آثارِ قديمہ جي ماهر ۽ محقق سيد حاڪم علي شاھہ بخاريءَ پنھنجي ڪتاب Kalhora Period Architecture ۾ ان تاريخي دستاويز جو ذڪر ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو