
عطيه فيضي
عطيہ فيضي: نامياري ليکڪا ۽ موسيقيءَ ۽ فنون لطيفہ جي ڄاڻُو، عطيہ فيضي، پهرين آگسٽ 1877ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي، جتي سندس والد حاجي حسن علي آفندي، ڪاروبار جي سلسلي ۾ رهائش پذير هو. عطيہ بيگم کي ننڍيءَ ڄمار کان ئي لطيف فنن سان تمام گهڻي دلچسپي هئي، جنهن سبب هن لارڊ ڪرزن ۽ رابندرناٿ ٽئگور تائين رسائي حاصل ڪئي. هوءَ 1906ع ۾ يورپ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وظيفو حاصل ڪندڙ ننڍي کنڊ جي پهرين مسلمان ڇوڪري هئي. اپريل 1907ع ۾ هائيڊل برگ ۾ سندس ملاقات علامہ اقبال سان ٿي. علامہ اقبال سندس شخصيت کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ٻنهي وچ ۾ خطن لکڻ جو سلسلو هلندو رهيو. جيڪي خط پوءِ وري ‘اقبال از عطيہ بيگم’ جي نالي سان شايع ٿيا. نامياري شاعر شبلي نعماني، عطيہ بيگم جي شخصيت تي 25 شعرن جو قصيدو لکيو. 1913ع ۾ هڪ يهودي مصور فيضي رحمين اسلام قبولي عطيہ بيگم سان شادي ڪئي. جنهن بعد هوءَ عطيہ فيضي جي نالي سان مشھور ٿي. عطيہ کي موسيقيءَ سان بيحد لڳاءُ هو. موسيقيءَ جي سکيا استاد نظير خان کان حاصل ڪيائين. بمبئي ۾ ‘آرٽ سرڪل’ نالي هڪ ادارو کوليو هئائين. ان کان سواءِ موسيقيءَ جي موضوع تي ٻہ ڪتاب ‘هندستاني موسيقي’ ۽ ‘هندستاني سنگيت’ نالي سان لکيا اٿس. ورهاڱي کانپوءِ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿي. هن زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا تمام غربت واري حالت ۾ گذاريا. هن 4 جنوري 1967ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي ميوا شاھہ قبرستان ۾ سليماني بوهري جي احاطي ۾ دفنايو ويو. 29 مارچ 1967ع تي سندس وڏي ڀيڻ هزهائنس ليڊي نازلي رفيعا سلطان آف جنجيره پاران ڪراچيءَ ۾ ڊينسو هال ۾ ‘فيضي رحمين آرٽ گئلريءَ’ جو افتتاح ٿيو. ان آرٽ گئلريءَ ۾ فيضي رحمين جون ٺاهيل ڏيڍ سئو تصويرون، عطيہ فيضي جون لکيل ڊائريون، کيس مليل بين الاقوامي اوارڊ، مشاهيرن پاران لکيل يادگار تحريرون ۽ ٻيا کوڙ سارا قيمتي نوادرات رکيل آهن.
1877.08.01 عيسوي
نامياري ليکڪا ۽ موسيقيءَ ۽ فنون لطيفه جي ڄاڻُو، عطيه فيضي، پهرين آگسٽ 1877ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي.