عـبـدالواحد علامہ

عـبـدالواحد ، علامہ: علامہ عبدالواحد ڌاريجو سنڌ جي مايہ ناز عالمن، اديبن، استادن ۽ شاعرن مان هڪ هو، هن 7 جولاءِ 1923ع تي سنڌ جي مشھور حڪيم، جراح ۽ زميندار خدا بخش خان جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ورنيڪيولرز فائنل تائين تعليم هنڱوري جي قديم مڪتب ۽ فلسفي ۽ عربيءَ جي تعليم صاحبن جي لوءِ ۽ گورو پهوڙ جي مشھور مدرسن مان حاصل ڪئي. 1945ع ۾ پرائمري استاد طور ملازمت اختيار ڪيائين، ڪجهہ وقت مهراڻ اورينٽل ڪاليج پنو عاقل ۽ ايليمينٽري ڪاليج سکر ۾ پروفيسر طور بہ ڪم ڪيائين. علامہ صاحب نوڪري دوران بي. اي، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ جا امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيا، اردو، سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ عالم فاضل جو امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، فارسي زبان ۽ ادب تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ ايران سرڪار کيس پنھنجي خرچ تي ايران گهرايو ۽ تھران يونيورسٽي ۾ جديد فارسي تعيلم جي سکيا ڏياري.
پني عاقل ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ مهراڻ ادبي سنگت جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوشش ورتائين. پ. ٽ. الف سان بہ گهڻو وابستہ رهيو، استاد عبدالڪريم جتوئيءَ جو خاص معاون ۽ صلاحڪار هو. زميندار هجڻ باوجود هاري حقن لاءِ وڙهندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ جو نہ صرف دوست هو، پر هاري ڪاميٽي کي منظم ڪرڻ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيائين. قاضي دبيروي، محمود خادم، عبدالله انڙ، مهراج سامي جھڙا شاعر سندس خاص دوست هئا. جڏهن مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ عبدالرزاق راز، حافظ خير محمد، پروفيسر شير محمد بلوچ، رڪن الدين قاسمي ۽ شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ سان خاص نيازمندي هئس. سندس حڪمت ۾ وڏي شفا هئي. وٽس سنڌ بلوچستان جي حاجتمندن جو ميڙو لڳو پيو هوندو هو. هڏن، اعصابي ۽ جنسي ڪمزورين جو ماهر هو. سندس وفات بعد حڪمت جو سلسلو سندس لائق فرزند عبدالرشيد ۽ فاروق جاري رکيو پيا اچن، سندس فارسي مخطوطات، ‘ڪليات رند’ ۽ ‘قطعات رند’ علم ۽ ادب جو قيمتي اثاثو آهن، جيڪي سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهي. علامہ صاحب اسٽيج جو بادشاھہ هو، مشاعرن ۾ سندس ادائگي ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيندي هئي، سندس نظم ’چلتي ڪا نام گاڙي‘ تمام گهڻو مشھور هو.
هن يگاني عالم، حڪيم ۽ استاد 16 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.07.07  عيسوي

علامه عبدالواحد ڌاريجو سنڌ جي مايه ناز عالمن، اديبن، استادن ۽ شاعرن مان هڪ هو، هن 7 جولاءِ 1923ع تي سنڌ جي مشهور حڪيم، جراح ۽ زميندار خدا بخش خان جي گهر ۾ جنم ورتو.


1996.08.16  عيسوي

علامه عبدالواحد ڌاريجي 16 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امتياز خان حسين اصفهاني خالص
سيد محمد مبارڪ جيلاني
شيخ محمد اچي قاضي
دراني جھان خان مولانا
سيد ضياء حسين ضياء
چانڊيو عبدالحق مولانا
سيد غلام علي شاھہ
ملا دائود سيوستاني
چانڊيو عبدالله مولانا
شيخ طيب ٺٽوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون