عـطـر
عـطـر (Perfume): مختلف گلن، ٻوٽن ۽ مصنوعي طريقي سان حاصل ڪيل خوشبوءِ کي عطر چوندا آهن. عطر ٻن قسمن جا هوندا آهن: (1) حيواني، (2) نباتاتي. خوشبوءِ جو خوشگوار احساس چين، فلسطين، مصر ۽ هندستان ۾ مختلف مذهبي رسمن دوران صندل ۽ ڪافور کي ٻارڻ سان پيدا ٿيو. پوءِ انفرادي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو. شروعات ۾ يونان وارن گلن مان خوشبودار تيل الڳ ڪري ان جو استعمال ڪندا هئا. رومي به گهڻي مقدار ۾ خوشبوءِ جو استعمال ڪندا هئا. رومين تي زوال آيو ته ٻين هنرن وانگر خوشبوءِ ٺاهڻ جو هنر به وٽائنس گم ٿي ويو. صليبي جنگن کان پوءِ خوشبوءِ ٺاهڻ جو هنر يورپ هليو ويو. انهيءَ زماني ۾ پهريون دفعو جانورن مان حاصل ڪيل مشڪ يا کٿوري جهڙين شين کي خوشبوءِ طور استعمال ڪيو ويو. اِها خوشبوءِ هرڻ جي پيٽ ۽ وهيل مڇيءَ جي جگر مان حاصل ڪئي ويندي هئي. 16 صديءَ جي آغاز ۾ اطالوي خوشبوءِ ٺاهڻ ورا پيرس ۾ اچي آباد ٿيا. ائين فرانس خوشبوءِ ٺاهڻ جي صنعت ۾ وڏي حيثيت سان سامهون آيو. 19 صديءَ ۾ ڪيميادانن ٻوٽن ۽ گلن جي خوشبودار جزن جي تجربي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هزارين مصنوعي خوشبوئون ٺاهيون ويون. انهن مان ڪجهه قدرتي خوشبوئن جي نقل آهن ۽ ڪجهه نيون به آهن. اڄڪلهه دستياب گهڻيون پرفيوم عطر آهن. خوشبوءِ کي وڌائڻ لاءِ انهن ۾ ڪجهه مادا به ملايا ويندا آهن. پاڻياٺي خوشبوئن ۾ الڪوهل جو استعمال ڪيو ويندو آهي. گلاب جي عطر جي لاءِ بلغاريه ۽ ترڪي مشهور آهن. جرينيم جي خوشبوءِ الجيريا ۾ تيار ٿينديون آهن. انگلنڊ جي شهرت ليونڊر خوشبوءِ جي ڪري آهي.