علاؤ الدين نيازي شيخ : مشھور صحافي علاؤالدين شيخ، 21 نومبر 1927ع تي جوڌپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪري فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙھہ ويو. جتان موٽي اچي ملازمت ڪيائين. نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ صحافت جي شروعات ڪيائين. 1970ع ۾ شڪارپور مان ‘نيو سنڌ’ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين. هن 1977ع ڌاري شڪارپور ۾ آدم پرنٽنگ پريس، قائم ڪري ڇپائيءَ کي هٿي ڏني. شڪارپور ۾ موجودہ پريس ڪلب قائم ڪرڻ لاءِ هن وڏي ڪوشش ڪئي. ان کان سواءِ هلال احمر جو بنياد پڻ وڌائين. ڪيترو عرصو شڪارپور ۾ روزاني اخبارن: ڊان، جنگ ۽ عبرت جو نمائندو رهيو. شيخ علاؤالدين نيازي 7 فبروري 1994ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد مان ميان معراج الدين احمد ۽ محمد جلال الدين نيازي ورثو سنڀاليندا رهيا آهن. 2001ع کان ٻيهر سندس جاري ڪيل اخبار ’نيو سنڌ‘ محمد جلال الدين نيازي جي ايڊيٽريءَ ۾ سندس نياڻي جھان آرا شيخ ڇپائي پڌري ڪري ٿي.
1927.11.21 عيسوي
مشهور صحافي علاؤالدين شيخ، 21 نومبر 1927ع تي جوڌپور ۾ پيدا ٿيو.
1994.02.07 عيسوي
شيخ علاؤالدين نيازي 7 فبروري 1994ع تي وفات ڪئي.