علامه آءِ آءِ قاضي (شخصيت ۽ چونڊ تقريرون)

علامه آءِ آءِ قاضي (شخصيت ۽ چونڊ تقريرون)

علامہ آءِ آءِ قاضي شخصيت ۽ چونڊ تقريرون

علامہ آءِ آءِ قاضي (شخصيت ۽ چونڊ تقريرون): هيءُ ڪتاب نامور اسڪالر علامہ آءِ آءِ قاضيءَ جي چونڊ تقريرن تي مشتمل آهي. جنهن کي نامور تعليمدان ۽ اديب محمد يوسف شيخ مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ قاضي صاحب جون يارنهن يادگار تقريرون شامل آهن، جن ۾ محبت جي ضرورت، نئين نسل جي نالي، آخري پيغام، سجاڳيءَ جو قرآني آواز، فلسفو، سائنس ۽ مذهب، معاشرو، شاھہ ولي جي نظر ۾، زندگيءَ جو تمدني بنياد، سجاڳ ۽ روشن ذهن، ذهن ۽ جسم، ۽ مذهب ۽ قانون شامل آهن. ڪتاب جي شروع ۾ علامہ آءِ آءِ قاضيءَ جي شخصيت تي پروفيسر علي نواز حاجن جتوئيءَ جو مضمون ڏنل آهي. 186 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو