علامه آءِ آءِ قاضي لائبرري، دادو

علامه آءِ آءِ قاضي لائبرري، دادو

علامہ آءِ آءِ قاضي لائبرري دادو

علامہ آءِ آءِ قاضي لائبرري، دادو: علامہ آءِ آءِ قاضي سنڌ گورنمينٽ لائبرري، دادو شھر ۾ انڊس هاءِ. وي جي ڏکڻ، سول اسپتال جي اتر، ڪمرشل ٽريننگ ڪاليج جي اوڀر ۽ ايس. پي هائوس جي اولھہ ۾ واقع آهي. هن لائبرريءَ جو بنياد، 1965ع ۾ نامور اديب تاج صحرائي ۽ احمد خان ملڪاڻيءَ وڌو هو. ڪجهہ عرصو هي لائبرري ضلعي ڪائونسل هال ۾ رکي وئي. هن لائبرريءَ جو افتتاح ان وقت جي ڪمشنر مسرور احسن پنھنجي هٿن سان سنگ بنياد رکي ڪيو. 1989ع ۾ سنڌ گورنمينٽ هن لائبرريءَ کي ضلعي ڪائونسل جي انتظاميا کان واپس وٺي، ثقافت کاتي سنڌ حوالي ڪيو. ثقافت کاتي پاران 1989ع ۾ ان وقت وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاھہ افتتاح ڪيو. هن وقت لائبرريءَ کي پنھنجي الڳ عمارت آهي. جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مختلف موضوعن تي 30 هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. ان کان سواءِ 60 کن ماهوار ۽ پندرهن روزہ رسالا ۽ اخبارون پڻ لائبرريءَ ۾ دستياب رهن ٿا. شھر توڙي آسپاس جو ساڃاھہ وند طبقو ۽ شاگرد هن لائبرريءَ مان لاڀ حاصل ڪندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو