علامہ غلام صديق شهدادڪوٽي

علامہ غلام صديق شهدادڪوٽي : علامہ غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو شمار سنڌ جي مشھور بزرگن ۽ علمائن ۾ ٿئي ٿو. سندس جنم بلوچستان جي هڪ ڳوٺ ڪنڊي ۾ 4 ربيع الاول 1260ھہ بمطابق 24 مارچ 1844ع تي ٿيو. ابتدائي زماني ۾ ڪنڊي بلوچستان ۾ رهيو ۽پوءِ پنھنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا ميان گل محمد سان گڏ سرائي پير بخش جي خواهش تي پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان لڏي شھدادڪوٽ ۾ اچي رهيو ۽ انهيءَ ڳوٺ جي نالي پويان شهدادڪوٽي جي لقب سان سڏجڻ لڳو. سندس خاندان اعلى صفتن جو مالڪ هو. انهيءَ خاندان ۾ ڪيتريون ئي بزرگ هستيون ٿي گذريون آهن. هي خاندان ديني توڙي بزرگيءَ جي لحاظ سان اعليٰ رهيو. مولانا صديق کي ابتدا کان ئي صاف سٿرو ماحول ميسر ٿيو. پاڻ جنهن ماحول ۾ اک کولي هئائين اهو مذهبي هو. هن تعليم جي شروعات قرآن شريف جي پڙهڻ سان ڪئي. وڌيڪ تعليم پنھنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا ميان گل محمد کان حاصل ڪيائين. پنھنجي والد جي مشھور ديني مدرسي ’نور محمديه‘ شھداد ڪوٽ مان 13 سالن جي ننڍي عمر ۾ علمي فراغت جي سند حاصل ڪيائين. سندس طريقت جو سلسلو قادريه هو ۽ مولانا ميان غلام حيدر قادريءَ جو مريد هو. 14 سالن جي عمر ۾ کيس خلافت ملي، سندس مکيہ همعصرن ۾ مولانا عبدالغفور همايوني، مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسيني ۽ مولانا عبدالرحمان سکرائي جا نالا قابل ذڪر آهن. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ مدرسہ نور محمديه ۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. وٽانئس فارغ التحصيل شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن مان علامہ حسن پاٽائي ۽ مولانا غلام محمد مهيسر قابل ذڪر آهن. هن ڪيتريون ئي شرعي فتوائون صادر ڪيون هيون، جيڪي هڪ نهايت ضخيم جلد جي صورت ۾ موجود هيون، جنهن کي ‘جنگ’ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. مولانا عبدالوهاب چاچڙ ماهنامه شريعت جي سوانح نمبر ۾ لکي ٿو تہ: “سنڌ جي مشھور عالم مولانا حافظ گل محمد شهدادڪوٽيءَ جي شاگردن مان مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي وڏي شھرت حاصل ڪئي. مولانا غلام صديق ايڏو ذهين هو جو درس نظامي جي سڀ کان دقيق ڪتاب جي سبق لاءِ استاد کيس راند مان وٺي ايندو هو. کيس سبق پڙهائي ان کان تقرير پڇندو هو تہ اتي جو اتي سڄي تقرير دهرائي ويندو هو. کانئن 23 عالم فارغ التحصيل ٿيا.” مولانا صديق فارسي زبان ۾ ‘عمليات صديقي’ نالي ڪتاب تصنيف ڪيو. سندس وفات 23 ربيع الاول 1323ھہ/28 مئي 1905ع تي ٿي. سندس مزار شھدادڪوٽ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1844.03.24  عيسوي

علامه غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو جنم 4 ربيع الاول 1260هه بمطابق 24 مارچ 1844ع تي ٿيو.


1905.05.28  عيسوي

علامه غلام صديق شهدادڪوٽيءَ 23 ربيع الاول 1323هه/28 مئي 1905ع تي ٿي. سندس مزار شهدادڪوٽ ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيدر علي لغاري
شھيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري
ايم جي ٺاڪر
بگائي مخدوم غلام محمد
مخدوم جھان سنڌي
عباسي مخدوم عطا محمد
عبدالله، مخدوم نرئي وارو
سام مرزا
در محمد سڪندري
حاجي عبدالله مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون