
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ مؤرخ (ڪتاب)
علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ مؤرخ (ڪتاب): هي ڪتاب نامور عالم غلام مطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالمن ۽ محققن تي لکيل مقالن جو مجموعو آهي، جيڪو نامور اديب ڊاڪٽر قاضي خادم مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ مرتب لکيو آهي، جڏهن تہ شروع ۾ مظهرالحق صديقي، وائيس چانسلر، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پيغام ڏنو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل مقالن جي ترتيب هن ريت آهي: علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي تحقيقي خدمتن جو مختصر جائزو: پروفيسر اسرار احمد علوي، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ابو رضوان عبداللطيف مهر، حضرت مولانا نور محمد سجاول وارو، عبدالقادر چاچڙ، مولانا محمد عظيم شبد، منصورالحق سولنگي؛ علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ علامہ مظهردين انڍڙ هاليجويءَ جا تعلقات: ابو رضوان عبداللطيف مهر، مناظر اسلام حضرت مولانا عبدالله ‘عبد’ چانڊيو، مفتي عبدالوهاب چاچڙ، پروفيسر غلام حسين جلباڻي، ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، محدث موالان عبدالرشيد نعماني، ڊاڪٽر محمد ادريس السندي، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مولانا جان محمد گبول، مولانا محمد پريل ‘بيدار’ مڱريو، پروفيسر محمد سرور، محمد انس راڄپر؛ تاريخ نويسيءَ جي ابتدا ۽ اوسر: ڊاڪٽر قاضي خادم؛ اڄ وري تاريخ جا دفتر کليا (انٽرويو): مراد علي مرزا؛ پير حسام الدين راشدي: بحيثيت محقق ۽ مورخ (قريشي حامد علي خانائي)، علامہ مخدوم امير احمد الهاشمي: سرزمين سنڌ جو عظيم مورخ (ڊاڪٽر مخدوم شبير احمد)، محمد حنيف صديقي (ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو)، رحيمداد مولائي شيدائي (ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو)، ايم. ايڇ. پنهور ۽ سنڌ جي تاريخ (ڊاڪٽر غلام محمد لاکو)، پروفيسر عطا محمد حامي: فن ۽ شخصيت (ڊاڪٽر ادل سومرو)، پروفيسر محرم خان: هڪ تاريـخـدان ۽ مـحـقـق
(ڊاڪٽر نورافروز خواجہ)، ماءُ کاهوڙي هليا: تاج صحرائي (آزاد قاضي)، ڊاڪٽر حامد علي خانائي (انور منصور مڱريو)، مير محمد بخش ٽالپر (ڊاڪٽر قمر جھان مرزا)، عطا محمد ڀنڀرو: سنڌ جي تاريخ جو سڄاڻ (ڊاڪٽر الھڏنو سومرو). ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان ڪچي جلد ۾ هي ڪتاب علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري پاران، جون 2008ع ۾ ڇپيو. 288 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا ڄاڻايل آهي.