علامہ محمد قاسم ڳڙهي ياسيني: نامور عالم، مدرس، مفتي ۽ شاعر علامہ محمد قاسم ولد مولانا محمد هاشم، پهرين جنوري 1988ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. جيڪو پڻ پنھنجي دور جو مشھور فقيھ ۽ ناميارو مدرس هو. محمد قاسم ڪجهہ ڪتاب مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ وٽ پڙهيو ۽ دستاربند ٿيڻ بعد پنھنجي والد جي مدرسي ۾ درس ڏيڻ لڳو. مولانا صاحب نهايت ذڪي ۽ ذهين هو. درس ڏيڻ ۾ کيس مهارت حاصل هئي. ان ڪري سندس علمي شھرت پري پري تائين ڦهلجي وئي. سنڌ کان سواءِ بلوچستان، پنجاب ۽ افغانستان جا شاگرد سندس مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ايندا هئا. علامہ محمد قاسم، نقشبندي طريقي ۾ خواجا عبدالرحمان سرهنديءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي. مولانا محمد قاسم عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ نهايت فصيح ۽ بليغ هو. عربن سان جڏهن عربيءَ ۾ ڳالهائيندو هو تہ سندس گفتگوءَ جي رواني ۽ فصاحت کي ڏسي خود عرب بہ حيرت ۾ اچي ويندا هئا. روايت آهي تہ هڪ دفعي ڳڙهي ياسين جي زميندار شمس الدين خان دراني، غوث اعظم جيلاني بغداديءَ جي سجادہ نشين خانقاھہ سيد عبدالرحمان جي فرزند سيد جمال الدين جيلانيءَ کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ ڳڙهي ياسين گهرايو تہ سندس همڪلاميءَ ۽ ڪچهريءَ لاءِ مولانا محمد قاسم کي بہ دعوت ڏنائين. سيد جمال الدين مولانا جي فصيح عربي ڳالهائڻ کي ٻڌي ايترو تہ محظوظ ٿيو، جو حاضرين مجلس کي چيائين ته، “مون قلات کان سُورت تائين سڄو هندستان ڏٺو آهي. ھہڙو عالم ڪٿي بہ نہ ڏٺو آهي.” علامہ صاحب کي قضا ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾ نهايت گهڻي مهارت حاصل هئي. ڪن موقعن تي بلوچستان جا سردار فيصلن نبيرڻ لاءِ کيس بلوچستان گهرائيندا هئا. هن ڪجهہ ڪتاب بہ لکيا. جن مان فارسيءَ ۾ ‘فتاويٰ قاسميه’ ڇپيل آهي. باقي اڻ ڇپيل آهن. مولانا صاحب ‘قاسم’ تخلص سان شاعري بہ ڪئي آهي. سندس شعر نهايت شستا ۽ برجستا آهن. سندس گهڻو تڻو ڪلام فارسيءَ ۾ آهي.
علامہ محمدقاسم ڳڙهي ياسينويءَ 7 اپريل 1931ع تي وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مٽ ماھہ روئي مدني، اهل زمين جو ڇاهي،
نيڻن سندس برابر نرگس چمن جو ڇاه
مرسل جو معجزو ڏس آڱر مان چنڊ چيرڻ،
حاذق عصاءُ موسيٰ بيضا هٿن جو ڇاهي.
1988.01.01 عيسوي
نامور عالم، مدرس، مفتي ۽ شاعر علامه محمد قاسم ولد مولانا محمد هاشم، پهرين جنوري 1988ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.