علـي گوهـر قاضي

علـي گوهـر، قاضي: قـاضي علـي گوهـر، 14 فبروري 1925ع تـي قاضي محلي روهڙيءَ ۾، قاضي علي اڪبر درازيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم قاضي محلا اسڪول روهڙيءَ ۾ ۽ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1944ع ۾ پاس ڪيائين. عملي زندگيءَ جو آغاز فوڊ کاتي ۾ فوڊ انسپيڪٽر جي حيثيت سان ڪيائين. جلدي ئي فوڊ کاتي کي روينيو کاتي ۾ ضم ڪيو ويو، جنهن سبب پاڻ ترقي ڪندي مختيارڪار ۽ پوءِ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. کيس علم ادب سان گهرو لڳاءُ ۽ سچل سرمست سان عقيدتمند هوندي هئي. هن سچل سرمست تي نماڻي فقير جي ترتيب ڏنل ڪتاب ‘سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام’ ۾ واڌارا سڌارا ڪري سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيرسٽي خيرپور ميرس مان ڇپايو. قاضي علي گوهر، 07 مئي 1994ع تي روهڙيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.02.14  عيسوي

قـاضي علـي گوهـر، 14 فبروري 1925ع تـي قاضي محلي روهڙيءَ ۾، قاضي علي اڪبر درازيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1994.05.07  عيسوي

قاضي علي گوهر، 07 مئي 1994ع تي روهڙيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عشرت حسين ڊاڪٽر
بشير احمد چانڊيو ڊاڪٽر
چنا هارون
سوامي سائين سروانند
قربان علي سڪندري ڪلهوڙو
درويش علي
چاچڪ شيخ مغل
مولانا محمد علي سنڌي
چنڙ مهرالدين
عنايت شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون