علق، سورة: سورت علق ٽيهين سيپاري جي اڻويهين سورت آهي، جنهن ۾ اڻويھہ آيتون آهن. مضمون جي لحاظ سان هن سورت جا ٻہ حصا آهن. پهريون پنج آيتون پهرين وحيءَ طور نازل ٿيون، باقي آيتون ان وقت نازل ٿيون جڏهن پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن حرم شريف ۾ نماز پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ابوجهل پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم کي ڌمڪيون ڏيئي عبادت کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پهريون آيتون ان وقت نازل ٿيون جڏهن پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم غارِ حرا ۾ عبادت ۾ رُڌل هئا ۽ اوچتو هڪ فرشتو آيو ۽ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي زور ڏيئي چوڻ لڳو تہ اِقراء (پڙهو). پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جواب ڏنو ‘مان پڙهڻ وارو ناهيان’. ان فرشتي وري ٻہ ٽي ڀيرا ڀاڪر ۾ وجهي زور ڏيئي چيو تہ ‘اِقرَا بِاسمِ رَبکَ الَذِي خَلَقَ’. پنھنجي خالق جي نالي سان پڙھہ. جڏهن پاڻ سڳورا صلي ﷲ عليہ وسلم گهر آيا تہ ڪجهہ گهٻرايل هئا. حضرت خديجہ رضي ﷲ عنها کين دلداري ڏني ۽ ان وقت جي هڪ عالم بزرگ ورقه بن نوفل وٽ وٺي آئي، جنهن ٻڌايو تہ سندن مٿان ﷲ تعالى جي طرفان وحي نازل ٿي آهي. انهيءَ لحاظ سان هي سورت پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي نبوت جو پهريون دليل آهي.