علق سورة

علق، سورة: سورت علق ٽيهين سيپاري جي اڻويهين سورت آهي، جنهن ۾ اڻويهه آيتون آهن. مضمون جي لحاظ سان هن سورت جا ٻه حصا آهن. پهريون پنج آيتون پهرين وحيءَ طور نازل ٿيون، باقي آيتون ان وقت نازل ٿيون جڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حرم شريف ۾ نماز پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ابوجهل پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم کي ڌمڪيون ڏيئي عبادت کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پهريون آيتون ان وقت نازل ٿيون جڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم غارِ حرا ۾ عبادت ۾ رُڌل هئا ۽ اوچتو هڪ فرشتو آيو ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي زور ڏيئي چوڻ لڳو ته اِقراء (پڙهو). پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جواب ڏنو ‘مان پڙهڻ وارو ناهيان’. ان فرشتي وري ٻه ٽي ڀيرا ڀاڪر ۾ وجهي زور ڏيئي چيو ته ‘اِقرَا بِاسمِ رَبکَ الَذِي خَلَقَ’. پنهنجي خالق جي نالي سان پڙهه. جڏهن پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم گهر آيا ته ڪجهه گهٻرايل هئا. حضرت خديجه رضي الله عنها کين دلداري ڏني ۽ ان وقت جي هڪ عالم بزرگ ورقه بن نوفل وٽ وٺي آئي، جنهن ٻڌايو ته سندن مٿان الله تعالى جي طرفان وحي نازل ٿي آهي. انهيءَ لحاظ سان هي سورت پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جي نبوت جو پهريون دليل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو