عِلم: هن لفظ جي لغوي معنيٰ ‘ڄاڻ، واقفيت، آگاهي، تعليم، وگيان، سمجهه، سڌ، پروڙ، معرفت، فن، جوهر، گڻ، هنر، دانش ۽ دانائي’ وغيره آهي. هن لفظ جو جمع علوم ۽ ضد جَهَل آهي. علم هڪ صفت آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن به شيءِ جو ادراڪ حاصل ٿئي ٿو. انهي لحاظ کان هي هڪ ذهني عمل آهي. علم هر شيءِ جي معرفت آهي، “علم اذعان النفس” (نفسن جي فرمانبرداري) آهي.. علم ثبوت آهي. علم احاطو آهي. علم معنيٰ النفس آهي. علم بيان ۽ اثبات آهي. علم تميز جو معراج آهي. علم تحقق آهي. علم افادو آهي. علم ايمان آهي. علم اعتقاد آهي. علم معلومات جو خزانو آهي. علم معلوم جو خيال آهي. علم حرڪتِ نفس آهي. علم وجدان آهي. علم ڪليات جي بصيرت جو نالو آهي. علم نور آهي، جيڪو خدا جي طرفان دل تي روشن ڪيو وڃي ٿو، علم خدا جي وجود ۽ ان جي حقيقت جي شهادت آهي ۽ ائين کڻي چئجي ته علم جي تعريف کان زبان قاصر آهي. جهڙي طرح علم جي وڏي قدر ۽ منزلت آهي، اهڙيءَ طرح هڪ اهڙو به علم آهي، جنهن کي وڏي حقارت جي نگاهه سان پڻ ڏٺو ويندو آهي ۽ اهو علم آهي جادو ۽ سفلي علم، شيطاني علم ۽ اهو علم جنهن سان معاشري ۾ برائيءَ کي عام ڪيو وڃي.
عربيءَ ۾ بنيادي 19 علم آهن، جن جون ٻيون ڪيتريون ئي شاخون آهن، جن مان مکيه شاخون هي آهن: (1) علم صرف، (2) علم نحو،
(3) علم لغت، (4) علم معاني، (5) علم بيان، (6) علم قيافه، (7) علم عروض، (8) علم انشا، (9) علم رسم الخط، (10) علم معماءِ، (11) علم مناظره، (12) علم قرات، (13) حديث، (14) علم تفسير، (15) علم حڪمت، (16) علم هندسه، (17) علم ڪيميا، (18) علم سفلي،
(19) علم موسيقي، (20) علم نجوم، (21) علم فلاحت، (22) علم رمل، (23) علم عيافه (پيرن سڃاڻڻ جو علم)، (24) علم جفر، (25) علم طلسم، (26) علم محاضرات (لطيف گوئي ۽ حاضر جوابي)، (27) علم رويا (خوابن جو علم)، (28) علم تعويذ، (29) علم تصوف، (30) علم تاريخ ۽ (31) علم جغرافيه وغيره وغيره.
هن جديد دور ۾ ٻيا به ڪيترائي علم عمل ۾ آيا آهن، جن جو واسطو به انساني سماج، سوچ، فڪر ۽ ڄاڻ سان آهي.