علم الاشتقاق

علم الاشتقاق: اشتقاق جي لغوي معنيٰ ڦاڙڻ، ڦٽڻ ۽ اصطلاحي معنيٰ هڪ لفظ مان ٻيو لفظ ڪڍڻ جي آهي. علم الاشتقاق اهو علم آهي، جنهن ۾ هڪ ڪلمي يا لفظ مان ٻئي ڪلمي يا لفظ نڪرڻ جي ڪيفيت تي بحث ڪيو وڃي ٿو. علم صرف، علم الاشتقاق ۽ علم لغت اهي ٽئي جدا جدا علم آهن، جيئن ڪنهن لفظ جي اصل مادي کي معلوم ڪرڻ لاءِ علم لغت جي ضرورت پوندي آهي. هڪ لفظ جي اگر ٻئي لفظ سان نسبت مادي جي اعتبار سان هجي ته اهو علم الاشتقاق سان تعلق رکي ٿو. مثلاً نهق ۽ نعق جي وچ ۾ مادي جي اعتبار سان مناسبت تي بحث علم الاشتقاق جو ڪم آهي ۽ اگر ٻنهي لفظن جي هيئت ۽ صورت جي اعتبار سان مناسبت تي بحث علم صرف جو ڪم آهي. مثلاً: علم ۽ معلوم جي وچ ۾ صيغن جي اعتبار سان فرق ڪرڻ کي علم صرف چيو وڃي ٿو.
ٽنهي علمن ۾ باهمي فرق بلڪل واضح آهي. ان مان اهو به معلوم ٿيو ته علم الاشتقاق اصل ۾ علم لغت ۽ علم صرف جي وچ ۾ ميلاپ جي حيثيت رکي ٿو. انهي ڪري عالمن جو چوڻ آهي ته تعليم ۾ علم الاشتقاق کي علم صرف تي فوقيت ڏيڻ ۽ علم لغت کان پوءِ رکڻ کي نيڪ ۽ درست ڄاڻايو آهي.
اشتقاق جي عمل جو طريقو هي آهي ته ڪلمي جي تصريفات (مصدرن جي گردانن) کي گهڻين ئي صورتن ۾ ائين تبديل ڪيو وڃي، جو هڪ اهڙو صيغو ٺهي پوي، جيڪو مادي جي اصل معنيٰ پنهنجي اندر محفوظ رکڻ سان گڏوگڏ ڪجهه واڌو معنائن جو پڻ فائدو ڏي (معنائن جو اضافو ڪو به حرف وڌائڻ بغير هجي يا حرف وڌائڻ سان). مثلاً: جيئن ضرب جو لفظ آهي، جيڪو صرف ضرب تي دلالت ڪري ٿو، پر
ضارب: مارڻ وارو
مضروب: جنهن کي ماريو وڃي.
يضرب: هو ماري ٿو
اضرب: تون مار
هي سڀ جا سڀ پنهنجي حرفن جي لحاظ کان پڻ ضرب کان گهڻا آهن ۽ مصدري معنيٰ کان ڪجهه وڌيڪ معنائن تي دلالت پڻ ڪن ٿا.
اشتقاق جا ٽي قسم آهن: (1) اشتقاق صغير، (2) اشتقاق ڪبير، (3) اشتقاق اڪبر.
اشتقاق صغير: اگر ٻن لفظن جي وچ ۾ اهڙي موافقت هجي جو ان جا اصلي حرف به ساڳيا هجن ۽ ان جي ترتيب ۾ به فرق نه هجي ته ان کي اشتقاق صغير چئجي ٿو.
مثلا: ضرب در ضرب، گهر گهر، در در، زارو زار، نسل درنسل.
اشتقاق ڪبير: اگر ٻن لفظن جي وچ ۾ اصلي حرفن ۽ معنيٰ و مفهوم ۾ موافقت هجي، پر حرفن جي ترتيب مختلف هجي ته ان کي اشتقاق ڪبير چيو وڃي ٿو.
مثلاً: جزب و جبز، حيران و پريشان.
اشتقاق اڪبر: اگر ٻن لفظن جا حرف مخرج (اچارڻ) جي لحاظ سان هڪجهڙا هجن، ته ان کي اشتقاق اڪبر چيو وڃي ٿو.
مثلاً: نهق و نعق.
هن مان ظاهر ٿيو ته علم الاشتقاق هڪ مستقل ۽ جدا علم آهي، پر ويهين صدي عيسويءَ جي عالمن اشتقاق جا قاعدا علم صرف ۾ گڏي ڇڏيا آهن. ان جو وڏي ۾ وڏو اهم سبب اهو آهي ته علم الاشتقاق ۽ علم صرف جا گهڻي قدر قاعدا هڪجهڙائي رکن ٿا. انهي ڪري ڪن ليکڪن هنن ٻنهي الڳ الڳ علمن کي هڪ علم سمجهڻ جي غلطي ڪري ٻنهي کي گڏي ڇڏيو. جيڪو سراسر غلط آهي. علم صرف ۽ علم الاشتقاق ٻئي جدا جدا علم آهن.
قديم عربي ٻوليءَ جي ماهر عالمن اڄ کان صديون پهرين علم الاشتقاق جي موضوع تي مستقل ڪتاب تحرير ڪيا، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:(1) ابو علي محمد بن احمد المستنير (متوفي 206هه/ 822ع) ‘ڪتاب المثلث’ لکي.(2) عبدالملڪ بن قريب الاصمعي البصري (متوفي 215 هه/ 830ع) اشتقاق جي علم تي ‘ڪتاب الاشتقاق’ نالي جامع ڪتاب لکي.(3) ابو الحسن سعيد بن مسعدة الاخفش (متوفي 221هه/ 836ع) ‘ڪتاب الاشتقاق’ لکي.(4) محمد بن يزيد الازدي البصري (متوفي 285هه/ 898ع) ضخيم ڪتاب ‘ڪتاب الاشتقاق’ جي نالي لکي.(5) ابوطالب المفضل بن سلمه بن عاصم الڪوفي اللغوي (متوفي 300 ههه/ 912ع) ناياب ڪتاب ‘الاشتقاق’ نالي لکيو.(6) ابو اسحق ابراهيم بن السري بن سهل (متوفي 311هه/ 923ع) ‘ڪتاب الاشتقاق’ لکيو. هنن کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي عربي ٻوليءَ جي ماهر عالمن اشتقاق جي علم تي ڪتاب لکيا آهن.


لفظ علم الاشتقاقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو