علم النفس

علم النفس: اسلامي اصطلاح ۾ نفس جي معنيٰ روح آهي. پر قرآن پاڪ ۾ نفس جي معنيٰ روح بہ آهي تہ نياپو يا وحي کڻي ايندڙ فرشتو بہ. جمع جي صورت ۾ هن لفظ جي معنيٰ ذات ۽ شخصيت ٿيندي. قرآن جي ڇھن آيتن ۾ هن لفظ جي نسبت خدا پاڪ جي ذات سان آهي. قديم عربي شاعري ۾ نفس جي معنيٰ ذات يا شخص ورتل آهي. جڏهن تہ روح جي معنيٰ ساھہ يا هوا ورتي وئي آهي، قرآن پاڪ جي وحي ٿيڻ کانپوءِ نفس کي روح، ملائڪ ۽ جنات جي معنائن ۾ ورتو ويو. نفس جو جمع نفوس آهي ڪن موقعن تي قلب يا دل کي بہ روح جي معنيٰ ۾ ورتو ويو آهي. نفس جا ٽي قسم يا خصوصيتون آهن: (1) نفس اماره (2) نفس لوامه ۽ (3) نفس مطمئنه.
(1) نفس اماره: انساني جو هڪ قسم جيڪو سرڪش،ظالم، برائين ڏانهن ڇڪي ٿو.
(2) نفس لوامه: گناھہ سرزد ٿيڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ تي لعنت ۽ ملامت ڪرڻ وارو نفس.
(3) نفس مطمئنه: خداوند عالم جي حڪم تي هلندڙ نفس جيڪو برائين ۽ بڇڙائين کان پري رکي.
ابن قيميه جي لکڻ موجب هي ٽي الڳ الڳ نفوس ڪو نہ آهن، نفس هڪڙو ئي ٿيندو آهي. جنهن جون هي ٽي حالتون آهن. ‘تاج العروس’ نالي ڪتاب ۾ نفس جون ڪيئي معنائون ڏنيون ويون آهن. جيئن: خون، جسم، بدنظر، حضور،مخصوص، حقيقت، ذات، تڪبر، خود افزائي، ارادو، نفرت يا ڪا بہ غالب خواهش وغيرہ.
مسلمان مفڪرن نفس جا ٻہ حصا ڪيا آهن: (1) اهي خيال جيڪي (نفس بابت) قرآن مجيد، حديث شريف ۽ حڪمت ۽ تصوف جي ڪتابن ۾ قلب ۽ نفس (۽ روح) بابت ملن ٿا. (2) مسلمان فلسفين جا اهي اشارا يا بحث مباحثا جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن نموني موجودہ دور جي علم نفس سان ڪا نہ ڪا هڪجهڙائي رکن ٿا. ٻيو نہ تہ انهن جي حقيقت اڄ جي سائنسي دور تسليم ۾ ٿيل آهي يا انهن کي رد ڪري نٿو سگهجي. انهن کي نفسيات جي تاريخ ۾، هڪ دور جا خيالات ۽ فڪر سمجهي سگهجي ٿو. هن موجودہ دور ۾ بہ نفسيات کي باضابطه سائنس نٿو سمجهيو وڃي. (وڌيڪ ڏسندا: نفسيات، ايندڙ جلد)
علم النفس يا نفسيات ۾ اسلامي ادب جا مسئلا اٿاريل آهن، جن مان ڪيترائي مسئلا اڄڪلھہ جي نفسيات جو حصو آهن، اهي هي آهن توڙي جو هي علم اڃا تائين مڪمل سائنس بڻجي نہ سگهيو آهي: (1) تصوف ۽ فلسفي جي ڪتابن ۾ روح (نفيس برتر) تي بحث (2) نفس حيواني تي بحث، (3) باطن جون خاصيتون ۽ رويه، (4) شعور، (5) جذب و جنون تي بحث (6) صوفين جو ڪشف يا ڪرامتن تي بحث (7) علم اسرار (8) علم قيافه (9) جادو ۽ طلسم وغيرہ. انساني نفس متعلق قرآن مجيد ۽ حديثن ۾ ڪافي اشارا ڏنل آهن.’علم النفس‘ هڪ علم بہ آهي جنهن جي مدد سان جنهن سان علم جا ڄاڻو ناسن ۾ ساھہ کڻڻ وسيلي قسمت جو حال ٻڌائيندا آهن. هن علم بابت فارسي، اردو ۽ عربي ۾ ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو