علم عروض (شاعريءَ جو فن): ‘علم العروض’ قديم عربي اشعار جي علم اوزان جو اصطلاحي نالو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ائين به آهي ته
‘علم العروض’ ۽ ‘علم الشعر’ ٻئي ‘علم نظم اشعار’ جي مفهوم ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ اُن وسيع تر مفهوم، علم العروض ۾ نه فقط وزنن جي علم جا شعر شامل ٿين ٿا، بلڪه، علم قوافي (مفرد قافيه) به، پر عام طور تي القوافي (يعني قافيه متعلق قاعدا) کي جدا علم سمجهو وڃي ٿو ۽ علم العروض کي وزنن جي علم تائين محدود رکيو وڃي ٿو.
اهڙي طرح عرب، ‘ماهرينِ لغت’ هن علم جي تعريف هيئن ڪن ٿا. “العروض علم باصول يعرف بها صحيح اوزان الشعر وفا سدها” (عروض اُنهن قاعدن جي علم جو نالو آهي جنهن جي ذريعي شعرن جي صحيح ۽ غلط وزنن ۾ تميز ڪري سگهجي).
ڪن عرب نحوين جو خيال آهي ته لفظ عروض جو مفعوم ‘علم الاوزان’ (وزنن جو علم) آهي ۽ لفظ عروض جي لغوي معنيٰ (خيمي جي وچ واري ڪاٺي) جي قياس تي مبني آهي. صاحب ‘لسان العرب’ ابن منظور کان پڻ منقول آهي ته مذڪور اصطلاح اُن ڪري استعمال ٿيو جو خليل هن علم کي مڪي ۾ وضع ڪيو ۽ مڪي جو پڻ هڪ نالو ‘عروض’ آهي. جارج جيڪب اهو ٻڌائي ٿو ته، ”ديوان الهند“ ۾ هڪ اهڙي قطعه موجود آهي جنهن ۾ نظم کي سرڪش اُڏامڻ واري يا هلندي هلندي بيهي رهڻ واري ‘ڏاچي’ (عروض) سان تشبيهه ڏني وئي آهي، جنهن کي پوءِ شاعر قابو ۾ آڻي ٿو. سڀ کان پهرين عربيءَ جو علم عروض جنهن استخراج ڪيو، تنهن جو نالو ‘خليل’ ابن احمد بصري بن فراهيد بن مالڪ بن نهم بن عبدالله بن مالڪ بن مضر بن اُزدي آهي. بقول ابن عماد، خليل سن 100 هه(سن 718ع) ۾ آچر ڏينهن پيدا ٿيو، ڪنهن ماده تاريخ هيئن چئي:
“يوم الاحد”
100 هه
مشهور آهي ته خليل ابن احمد اهڙو ته هوشيار ۽ ذهين هو جو هن سمورا، حروف تهجي، هڪ شعر ۾ منضبط ڪيا، جيڪي بحر بسيط ۾ آهن.
روايت آهي ته خليل اهو پڻ پڪو ارادو ڪيو ته هڪ ترازو يا هڪ اهڙو حساب ايجاد ڪري جنهن کان خريد فروخت ۾ دڪاندارن کان ڪو ڌوڪو نه کائي سگهي، سو اهڙي خيال ۾ هڪ دفعي اهڙو ته محو ٿيو جو وڃي هڪ ٿنڀي سان ٽڪر کاڌائين ۽ منهن ڀر ڌڪو کاڌائين، جنهن سبب آچر رات سن 170 هه (سن 786ع) ۾ فوت ٿي ويو. سندس وفات تي هيئن ماده تاريخ چيل آهي:
“ليل يوم الاحد”
170 هه
جڏهن عربي شعر پنهنجي انتهائي عروج ۽ ڪمال تي پهتو تڏهن پارسي شعر جي ابتدا ٿي. ڪن جي قول مطابق عضدالدوله ديلمي جي عهد ۾ جيڪو 352 هه/ 963ع ۾ فارس تي مسلط ٿيو. قصر شيرين سلامت هو، ان قصر جي عبارت ۾ هي قديم فارسي شعر ملي ٿو.
هزيرا به ڪيهان انوشه بزي،
جهان را نگهبان و نوشه بزي.
مٿين فارسي شعر جو وجود قبل از اسلام آهي. روايت آهي ته ان زماني کان پهرين بهرام گور پڻ شعر چيو آهي.
منم آن پيل دمان و منم آن شيريله،
نام بهرام مرا و پدرم بو جبله.
ڪن روايتن مطابق ثاني مصرع بهرام جي محبوبه دلارام جنگي جي چيل آهي.
المختصر سن 400 هه/ 1009ع جي شروعات ۾ رودڪي فارسي شعر کي ڪمال تي پهچايو ۽ فردوسي طوسي ميدان شعر کي سر ڪيو ۽ ان کانپوءِ فارسي شعر عروجِ ڪمال تي پهتو جنهن بابت ڪيترن ئي تذڪرن مان ثابتيون ملن ٿيون.
ترڪي ۽ فارسي ۾ فقط اهو تفاوت آهي ته جيڪي بحر استعمال ڪيا وڃن ٿا، سي عربي جي مستعمل بحرن کان تعداد ۾ ڪي قدر گهٽ آهن ۽ عربي جا ڪي خاص بحر مثلاً طويل، بسيط، ڪامل، وافر ۽ مديد عام طرح ڪتب آڻين ٿا.
جهڙيءَ طرح دنيا جي مشهور قديم ماهرن يعني يوناني عروضين، يورپ وارن (مثلاً جرمن مستشرق گويارڊ) ترڪن، هندي وارن يا ٻين پنهنجي پنهنجي موزون شاعري تخليق ڪئي تهڙي طرح قديم سنڌين به پنهنجي شاعريءَ جي طرز وضع ڪئي.
سنڌ ۾ عروضي شاعري جو وجود ۾ اچڻ، تنهن موزون شاعري جي شروعات، عرب حڪومت جي دؤر ۾ ئي ٿي چڪي هئي. جنهن ۾ سمورا وزن عربي وارا استعمال ڪيا ويا. ان وقت جا ڪيترائي عربي ٻولي جا سنڌي شاعر ٿي گذريا آهن، جن مان ‘ابوالعطاالسندي’ جو نالو عربي ادب جي تذڪره ‘الحماسه’ ۾ عربي جي عظيم ترين شعراءِ ۾ آيو آهي. عربي لغت جو راس رئيس ابن الاعرابي (231 هه/ 845ع) ابوالعطا جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته “اصمعي ۽ ابو عبيده جون غلطيون پيو ڪڍندو هو.”
سنڌ جو مشهور شاعر ابوالعطا نه رڳو سنڌ ۾ بلڪه سنڌ کان ٻاهر نڪري عرب ملڪن ۾ به پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪيو. هن اموين جو آخري دؤر ۽ بني عباس جي عهد جي شروعات پڻ ڏٺي. ‘نتف من شعر ابي عطاء السندي’ 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿي چڪو آهي.
چوٿين صدي هجري/ ڏهين صدي عيسويءَ جا ڪي مورخ سياح ۽ جاگرافيدان سنڌ ۾ فارسي زبان جي وقتاً بوقتاً مقبوليت جي طرف اشارا ڪن ٿا. بلوچستان ۾ سنه 329 هه (940ع) جي لڳ ڀڳ فارسي جي هڪ مشهور شاعره هئي، جنهن جو نالو رابعه بنت ڪعب القصداري هو. اهو امر ثابت ٿو ڪري ته ان زماني ۾ سنڌ (بلوچستان) ۾ فارسي شاعري جو چڱو خاصو رواج ۽ اها پڻ تاريخي ۽ ادبي حقيقت خاص طور قابل ذڪر آهي ته پاڪستان ۾ فارسي ادب جو آغاز سنڌ (بلوچستان) مان ٿيو.
فارسي شاعريءَ جي هزار ساله تاريخ باقاعده ابتدا غزنوي دؤر کان ٿي. سلطان محمود غزنويءَ (388 هه/ 998ع کان 421هه/ 1030ع) ننڍي کنڊ تي حملا ڪيا. سلطان محمود ترڪ نزاد هئڻ جي باوجود پنهنجي وسيع سلطنت ۾ سياسي ثقافتي نظام قائم ڪيو. فارسي شعر و ادب ۽ علم حڪمت جو صحيح سرپرست هو. هن جي دؤر ۾ فارسي شاعري جي صحيح روايت غزنيءَ کان سنڌ تائين پهتي. سلطان محمود غزنويءَ 401هه (1010ع) ۾ ملتان کي ۽ سن 416 هه (1025ع) ۾ منصوره (سنڌ) کي فتح ڪيو. جنهن بعد 417 هه/ 1026ع ۾ وزير عبدالرزاق سيوهڻ ۽ ٺٽي تي قبضو ڪري، عرب حڪومت جو خاتمو ڪيو.
حضرت عثمان مروندي قلندر شهباز (متوفي 650 هه/ 1252ع) جو فارسي ڪلام موجود آهي جيڪو تغلق دؤر ۾ سنڌ ۾ آيو.
شيخ عيسيٰ (متوفي سن 832 هه/ 1428ع)، ڄام نظام الدين سمو حاڪم (متوفي سن 914 هه/ 1508)، مخدوم بلال (متوفي 940 هه/ 1523ع) از انسواءِ شيخ محمد جمالي، هنن جو فارسي ڪلام ‘مقالات الشعرا’ ۾ پڻ موجود آهي.
ارغون ۽ ترخان حڪمران، سمورا شاعر هئا ۽ صاحب ديوان شاعر هئا. هنن کان پوءِ مغل حڪمران ۽ سندن نواب پڻ اڌ کان مٿي شاعر هئا، جن مان ڪيترن فارسي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو. ڪلهوڙا ۽ ٽالپور به شاعر ۽ صاحبِ ديوان هئا.
بهرحال فارسي شاعري ۽ ادب جي تاريخ ۾، ظاهر آهي ته سرزمين سنڌ جي اها خدمت ڪا معمولي خدمت نه هئي بلڪ علمي دنيا ۾ هڪ ضرب المثل جي حيثيت رکي ٿي.
سنڌي عروضي شاعري جو مغلن جي آخري دؤر کان آغاز ٿيو. ‘غزل جي اوسر'>سنڌي غزل جي اوسر’ جي ليکڪ موجب نور محمد خسته، ٽکڙ جي پراڻي ڳوٺ وسين ۾ ٻارهين صدي هجري ۾ رهندو هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي شاگردن مان هو. 1130 هه/ 1717ع ۾ حيات هو. سندس هڪ غزل جا هيٺيان شعر وقت جي واچوڙي کان بچي ويا آهن.
تابر افگندي از رخ تو نقاب حشر ٿيو آفتاب لايو تاب
محب ماڻا نه ڪر مٺا مون سان خوبرو خصلتون سکين ٿو خراب
تابش حسن بي مثال تنهنجي بره ڏيئي وري ڪيو بيتاب
زير بحث دؤر کان اسان جي سنڌي عروضي شاعري جو آغاز ٿيو. جنهنکي اڳتي هلي، ڪلهوڙا ۽ ٽالپور دور جي ٻن حيات جاويد شاعرن يعني سيد ثابت علي شاهه ۽ سچل سرمست صحيح معنيٰ ۾ عروج تي رسايو.
عروض جي تعريف: عروض، اصطلاح ۾ انهيءَ علم جو نالو آهي، جنهن کان ڪلام موزون ۽ غير موزون ۾ فرق ڪيو وڃي ۽ هن علم کانسواءِ نظم ۽ نثر ۾ تميز نه ٿي، ٿي سگهي.
صاحبِ محيط الدائره لکيو آهي ته جيئن ته هن علم ۾ لفظن جي صورت، نگاهن جي سامهون موزون طريقي تي پيش ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري هن علم جو نالو عروض رکيو ويو. ٻيو ائين به آهي ته هن علم جو موجد (سنه 100 هه) ۾ ابو عبدالرحمان الخليل ابن احمد بن عمر تميم البصري کي سندس دعا جي مطابق مڪه معظمه ۾ رهندي هن علم جو الهام ٿيو هو ۽ جيئن ته مڪه جو هڪ نالو عروض به آهي تنهنڪري خير و برڪت جي خيال کان هي علم، عروض جي نالي سان موسوم ڪيو ويو.
شعر جي لغوي معنيٰ: شعر، شعور مان مشتق آهي. جنهن جي معنيٰ آهي احساس ڪرڻ. حقيقت اها آهي ته حسين تخيلات، لطيف معاني ۽ دلڪش نظارن جي احساس کان شاعر جو روح متاثر ٿئي ٿو. شاعر جي زبان انهيءَ احساس کي موزون لفظن جي شڪل ۾ منظوم ڪيو ڇڏي، گويا شاعر جو شعر هڪ خاص قسم جو احساس و شعور آهي جو ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته موزون ٿئي ٿو. عام ڪلام جي مقابلي ۾ اهو احساس زياده بلند ٿئي ٿو ته هن ۾ اتم درجي واري شعوريت جي صفت موجود آهي، ان ڪري هنکي شعر چيو وڃي ٿو.
شعر جي تعريف: علامه ابن رشيق، جيڪو عروض جو امام مڃيو وڃي ٿو، سو پنهنجي ڪتاب ‘العمدة’ ۾ لکي ٿو ته، شعر جو بنياد چئن ڳالهين تي آهي، لفظ، وزن، معنيٰ ۽ قافيو يعني اِهيئي، شعر جون حدون آهن. مطلب ته جنهن ڪلام ۾ وزن، قافيو ۽ بامعنيٰ لفظ هجن، تنهن جو نالو شعر آهي.
ڪلام جي تعريف: اهڙي پوري ۽ مڪمل ڳالهه جا ٻن يا ٻن کان وڌيڪ بامعنيٰ لفظن سان مرڪب هجي ۽ ٻڌڻ واري کي ان مان ڪنهن واقعي يا حڪم وغيره جي ڄاڻ پوي.
جيسين تائين متڪلم (ڳالهائڻ وارو) پنهنجي ڪلام ۾ وزن ۽ قافيه جي اُڻڻ جو قصد نه ڪري، تيسين اُن جو ڪلام شعر نه ٿو چورائي سگهي. ڀلي کڻي اُن ڪلام ۾ وزن ۽ قافيو موجود هجي. مثلاً: قرآن ڪريم جون ڪي آيتون، جي موزون آهن، ليڪن شعر نه آهن. جيئن ته ‘بسم الله الرحمان الرحيم’ جو بحر سريع جي وزن تي آهي ۽ موزون آهي، پر ان کي شعر نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪلام ۾ وزن جو قصد نه ڪيو يعني شعر چوڻ جو ارادو نه ڪيو. برخلاف ان جي، شاعر جي آڏو سڀ کان پهرين وزن ۽ قافيه ٿئي ٿو.
وزن: وزن جي لغوي معنيٰ تورڻ آهي، ليڪن عروض جي اصطلاح ۾ ڪن ٻن لفظن جي حرڪات و سڪون جي برابر هئڻ کي وزن چون ٿا. جهڙوڪ: ‘سخاوت’، ‘فعولن’ جي وزن تي آهي، يعني وزن مان مراد اها آهي ته شعر جا لفظ مقرر ڪيل بحر جي ساهمي ۾ پورا تُري اَچن.
قافيو: عروض جي اصطلاح ۾ قافيو، اُن چند حرفن جي مجموعي جو نالو آهي، جو (غزل يا قصيدي جي مطلع ۾ يا مثنوي جي بيتن ۾) شعر جي ٻنهي مصراعن جي آخر ۾ ان کان سواءِ ٻي صورت ۾ شعر جي فقط ٻي مصرع جي آخر ۾ استعمال ڪيو وڃي يا وري هر مصرع جي آخر ۾ رديف کان پهرين استعمال ڪيو وڃي. مثلاً: وفا، دعا، جفا، دغا وغيره وغيره.
موزون ۽ ناموزون: سموزون جو مطلب آهي ته عروض جي ماهرن جيڪي وزن مقرر ڪيا آهن، تن مان ڪنهن به وزن جي برابر هجي ۽ ناموزون جو مطلب آهي ته، مقرر ڪيل وزنن جي برابر نه هجي، جهڙوڪ لفظ سراسر جو ”فعولن“ جي وزن تي آهي پر لفظ مڪافات، سواءِ ڪنهن ٻئي لفظ ڳنڍڻ جي، ڪنهن عروضي وزن تي نه آهي.
بيت: شعر کي بيت به چون ٿا، در حقيقت بيت کي ئي مجازي معنيٰ ۾ شعر چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته، بيت جي لغوي معنيٰ آهي گهر، جهڙي طرح هر گهر ۾ ٻه دروازا ۽ دروازن ۾ عموماً ٻه طاق ٿين ٿا تهڙي طرح هر بيت جون ٻه مصراعون ٿين ٿيون. مصرع جي لغوي معنيٰ آهي طاق، هڪ شعر کي فرد به چون ٿا ۽ جنهن فرد جي ٻنهي مصراعن ۾ قافيه ۽ رديف يا فقط قافيه هجي تنهن کي مطلع چئبو آهي.
بيت جا جزا: هر بيت جون ٻه مصراعون ٿين ٿيون. پهرين کي ‘مصرع اوليٰ’ ۽ ٻي مصرع کي ‘مصرع ثاني’ يا ‘مصرع اُخريٰ’ چئبو آهي.
پهرين مصرع جي پهرين جز (رڪن) کي ‘صدر’ ۽ آخري جز (رڪن) کي ‘عروض’ چئبو آهي. ٻي مصرع جي پهرين جز (رڪن) کي ‘مطلع’ يا ‘ابتدا’ ۽ آخري جز (رڪن) کي ‘ضرب’ يا ‘عجز’ چئبو آهي. ٻنهي مصراعن جي وچ واري اجزا (رڪنن) کي وري حشو چئبو آهي.
مٿين لفظن جي لغوي معنيٰ ۽ مناسبت (لاڳاپو)
1. صدر جي معنيٰ اول يا مقدم آهي. هي جز (رڪن) سڀ کان پهرين هوندو آهي.
2. عروض، جي معنيٰ، ڪنارو، پاسو يا طرف آهي. هي جز (رڪن) هڪ ڪناري تي هوندو آهي.
4. ابتدا: جي معنيٰ آهي شروع. هي جز (رڪن) ٻي مصرع جي شروع ۾ هوندو آهي.
5. ضرب، جي معنيٰ آهي، وانگر يا ٽڪرو.
6. عجز، جي معنيٰ آهي پويون حصو، هي جز (رڪن) شعر جو پويون حصو آهي ۽ اڪثر عروض وانگر هوندو آهي.
7. حشو، جنهن جي معنيٰ آهي تڪيه يا لحافه جي وچ ۾ ڪپهه ڀريل هجي. اِهي اجزا بيت جي وچ ۾ اهڙي طرح ٿين ٿا جهڙي طرح تڪيه يا لحافه ۾ ڪپهه.
مصراعن ۽ بيتن جي تقسيم (ورهاڱو)
1. مثمن، جنهن بحر جا ارڪان (رڪن جو جمع) اَٺ هجن تنهن کي مثمن چئبو آهي.
2. مسدس، جنهن بحر جا ارڪان ڇهه ٿين ٿا. تنهن کي مسدس چئبو آهي:
3. مربع، جنهن بحر جا ارڪان چار هجن، تنهن کي مربع چئبو آهي.
4. مضاعف، جنهن بحر جا سورنهن ارڪان هجن، تنهن کي مضائف يا شانزده رڪني چئبو آهي.
اصول ارڪان
ڪلمه: انسان جي زبان مان جي لفظ نڪرن ٿا، تن کي ڪلمه چئجي ٿو. ڪلمه جو جمع آهي ڪلمات. ڪلمه يا ڪلمات هميشه هنن ٽن جزن مان مرڪب ٿيندا آهن. (1) سبب (نوڙي) (2) وتد (ميخ يا ڪلو) (3) فاصله (ٿنڀ) ۽ انهن ٽن جزن جي مجموع کي اصول سه گان به چئجي ٿو.
سبب جا ٻه قسم آهن (1) سبب خفيف (2) سبب ثقيل.
سبب خفيف: اُن ٻن حرفن واري ڪلمه کي چون ٿا جنهن جو پهريون حرف متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن هجي. مثلاً: فا- تن- جا – جو – سي – سو – ٿو – ٿي – دل – هي – هو – تو – تي – ڪو – ڪي.
سبب ثقيل: اُهو ٻن حرفن وارو ڪلمو آهي، جنهن جا ٻئي حرف متحرڪ هجن. اهڙا ڪلمه سوائي عربي زبان جي ٻين زبانن ۾ نظر نه ٿا اچن. البت فارسي، اردو ۽ سنڌي ۾ لفظن جي ترڪيبي صورت ۾ ملن ٿا. مثلاً (فَعَ) دلِ من – لبِ جو – بنِ مو، وغيره ۾ دل – لب – بن – سبب ثقيل ۽ من – جو – مو، سببِ خفيف آهن.
وتد: وتد جا به ٻه قسم آهن. (1) وتد مجموع يا مقرون (2) وتد مفروق يا منفصل.
1. وتد مجموع يا مقرون: اُهو ٽن حرفن وارو ڪلمه آهي، جنهن جا پهريان ٻه حرف متحرڪ هجن ۽ ٽيون حرف ساڪن، جهڙوڪ (فَعَلٌ) سحر – شجر – ڪمر – قلم – علم – هوا – صبا – هلي – هلو – ملي – رکي –
رکو – اچي – اچو – سخا – وفا – جفا (مقرون جي معنيٰ آهي متصل، ڳنڍيل، هن ۾ ٻئي متحرڪ حرف گڏ ٿين ٿا، ان ڪري هن کي مجموع چيو وڃي ٿو).
2. وتد مفروق يا منفصل: اُن ٽن حرفن واري ڪلمه کي چئجي ٿو، جنهن جو پهريون ۽ ٽيون، حرف متحرڪ هجي ۽ وچ وارو حرف ساڪن هجي. جيئن ته (فاع) ڪير – سال – مال – پير – مير – درد – مور – ڊيل – جان – جام – جنس – جلد – چرخ وغيره. (مفروق جي معنيٰ آهي جدا، جنهن جي ٻن متحرڪ حرفن جي وچ ۾ هڪ ساڪن حرف ٿئي ٿو.
عروضي اصطلاح ۾ اُهي حرف ساڪن نه ٿا مڃيا وڃن، جن جا اڳ وارا حرف به ساڪن هجن. تنهنڪري ياد رکڻ گهرجي ته درد – زرد – جام – جنس وغيره جو ٻيو حرف ساڪن آهي، ان ڪري ٽيون حرف متحرڪ سمجهو ويندو.
فاصله، جا به ٻه قسم آهن. (1)فاصله صغريٰ (2) فاصله ڪبريٰ.
1. فاصله صغريٰ: اُن چئن حرفن واري ڪلمي کي چئجي ٿو، جنهن جا پهريان ٽي حرف متحرڪ ۽ چوٿون ساڪن هجي. جيئن عربي زبان ۾ تنوين سان (فَعَلُن) اَحداءٌ (اَحدن) ۽ فارسي ۾ صنما – چڪنم وغيره، سنڌي ۾ ان جا مثال اڻلڀ آهن، البته ترڪيبي صورت ۾ ان جا مثال ملي سگهن ٿا، جهڙوڪ: جگري – قمري – سحري – سفري وغيره.
فاصله ڪبريٰ: اُهو پنجن حرفن وارو ڪلمو آهي. جنهن جا پهريان چار حرف ته متحرڪ هجن ۽ پنجون حرف ساڪن، مثلاً (فَعَلَتُنٌ) عربي ۾ سمڪته، تنوين سان (سَمَڪَتُن) فارسي ۾ نشڪند – نَشموَد وغيره، سنڌي زبان ۾ ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي سگهي.
اجزائي ثانيه يعني عروض جا رڪن
ارڪان: رڪن جي جمع کي چئبو آهي. جنهن جي لغت ۾ معنيٰ آهي هر شئي جو جزوِ اعظم (هر شئي جو وڏو حصو) علم عروض جي اصطلاح ۾ اُن چند مختلف لفظن جي مجموعه کي چيو وڃي ٿو. جيڪي شعر جي وزن ڪرڻ واسطي مقرر ڪيا ويا آهن، ۽ هر شعر جي موزونيت جو دارومدار انهن مقرر ڪيل رڪنن تي آهي.
رڪنن کي، اصولِ افاعيل يا ڏهه ارڪان به چوندا آهن. ڪل رڪن اَٺ آهن، جن ۾ ٻه رڪن خماسي ۽ ڇهه رڪن سباعي آهن.
ارڪان خماسي: ٻه آهن. جن جو هر رڪن پنجن حرفن وارو لفظ آهي. اُهي هي آهن (1) فعولن (2) فاعلن.
ارڪان سباعي، ڇهه آهن جنهن جو هر رڪن ستن حرفن وارو لفظ آهي، جي هي آهن. (1) مفاعيلن، (2) مفعولات (3)فاعلاتن (4) مستفعلن،
(5) متفاعلن (6) مفاعلتن، ليڪن عروض جي ٻن رڪنن فاعلاتن ۽ مستفعلن کي ٻن جي بدران چار قرار ڏئي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ: (1) متصل (2) منفصل. ارڪان متصل ٻه آهن: (1) فاعلاتن (2) مستفعلن.
ارڪان منفصل: هي ارڪان به ٻه آهن. (1) فاع لاتن (2) مس تفع لن. انهيءَ سبب کان اٺن رڪنن جي بدران ڏهه رڪن ٿي ويا. انهن رڪنن کي اصول، اجزا، ميزان، تفاعيل مفاعيل، افعال ۽ اوزانِ عروض (علم عروض جا وزن) به چيو وڃي ٿو.
هاڻي ذڪر ڪيل رڪنن کي هيٺين ريت سمجهڻ گهرجي:
فعولن: فعولن ۾ پهرين وتد مجموع آهي ۽ تنهن کان پوءِ سبب خفيف آهي ڇو جو، فعو جا پهريان ٻئي حرف ف ۽ ع متحرڪ آهن ۽ واءُ ساڪن آهي ۽ لن ۾ پهريون حرف ل متحرڪ ۽ نون ساڪن آهي.
فاعلن: فاعلن ۾ پهرين سبب خفيف ۽ تنهن کان پوءِ وتد مجموع آهي، ڇو جو فا ۾ ف متحرڪ ۽ الف ساڪن ۽ علن ۾ ع ل ٻئي حرف متحرڪ آهن ۽ ن ساڪن آهي.
مفاعيلن: مفاعيلن ۾ پهريون وتد مجموع ۽ ان کان پوءِ ٻه دفعا سبب خفيف آهي، ڇو جو مفا جا پهريان ٻئي حرف م ف متحرڪ آهن ۽ الف ساڪن آهي. عيلن ۾ ع متحرڪ ۽ ي ساڪن آهي، لن ۾ ل متحرڪ ۽ ن ساڪن آهي.
متسفعلن: مستفعلن: متصل (يعني جنهن جا رڪن گڏ لکيل هجن) مستفعلن ۾ پهرين ٻه سبب خفيف آهن ۽ تنهن کان پوءِ وتد مجموع آهي ڇو جو پهرين سبب خفيف ۾ م متحرڪ ۽ س ساڪن آهي ۽ ٻي سبب خفيف ۾ ت متحرڪ ۽ ف ساڪن آهي. وتد مجموع ۾ ع ۽ ل ٻئي حرف متحرڪ آهن ۽ ن ساڪن آهي.
فاعلاتن: فاعلاتن ۾ پهرين سبب خفيف آهي ۽ ان کان پوءِ وتد مجموع آهي. ڇو جو پهرين فا ۾ ف متحرڪ ۽ الف ساڪن آهي ۽ علا جا ٻئي حرف ع ۽ ل متحرڪ ۽ الف ساڪن آهي ۽ تنهن کان پوءِ آخر ۾ وري تن سبب خفيف آهي. هن ۾ ت متحرڪ ۽ ن ساڪن آهي. يعني ٻنهي طرفن سبب خفيف ۽ وچ ۾ وتد مجموع آهي.
مفاعلتن: مفاعلتن ۾ پهرين وتد مجموع آهي ۽ ان کان پوءِ فاصله صغريٰ آهي ڇو جو پهرين مفا ۾ م، ف ٻئي حرف متحرڪ آهن ۽ الف ساڪن آهي. تنهن کان پوءِ علتن ۾ ع، ل، ت ٽيئي حرف متحرڪ آهن ۽ چوٿون حرف ن، ساڪن آهي ۽ جيڪي حضرات فاصله کي نٿا مڃن تن جي ويجهو مفاعلتن ۾ پهرين وتد مجموع آهي ۽ تنهن کان پوءِ سبب ثقيل ۽ آخر ۾ سبب خفيف آهي.
متفاعلن: متفاعلن ۾ پهرين فاصله صغريٰ آهي ۽ تنهن کان پوءِ وتد مجموع آهي ڇو جو متفا ۾ پهريان ٽيئي حرف م، ت، ف متحرڪ آهن ۽ الف ساڪن آهي ۽ علن ۾ ع، ل متحرڪ آهن ۽ ن ساڪن آهي.
مفولات: مفولات ۾ پهرين ٻه دفعا سبب خفيف آهن ۽ تنهن کان پوءِ وتد مفروق آهي. ڇو جو اڳيان آيل مفعو ۾ م متحرڪ ۽ ف ساڪن آهي ۽ ٻي سبب خفيف ۾ ع متحرڪ ۽ واءُ ساڪن آهي. لات ۾ ل ۽ ت ٻئي حرف متحرڪ آهن ۽ انهن جي وچ ۾ الف ساڪن آهي.
فاع لاتن: فاعلاتن منفصل (يعني جنهن جا رڪن جدا جدا لکيل هجن) ۾ پهرين وتد مفروق آهي ۽ تنهن کان پوءِ ٻه دفعا سبب خفيف آهن، ڇو جو فاع ۾ ف ۽ ع متحرڪ آهن ۽ انهن ۾ وچون حرف الف ساڪن آهي ۽ لا ۾ ل متحرڪ ۽ الف ساڪن آهي ۽ ٻئي سبب خفيف ۾ تن ۾ ت حرف متحرڪ ۽ ن ساڪن آهي.
مس تفع لن: مس تفع لن منفصل ۾ پهرين سبب خفيف ۽ آخر ۾ به سبب خفيف آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ وتد مفروق آهي، ڇو جو پهرين سبب خفيف ۾ م متحرڪ ۽ س ساڪن آهي ۽ وتد مفروق ۾ ت، ع متحرڪ ۽ انهن ٻنهي حرفن جي وچ ۾ ف ساڪن آهي ۽ ٻي سبب خفيف ۾ ل متحرڪ ۽ ن ساڪن آهي.
بحر جي تعريف: جنهن وزن تي شعر چيو وڃي ٿو، اصطلاحي معنائن ۾ اُن وزن کي بحر چيو وڃي ٿو، يعني ڪنهن شعر جي متحرڪ ۽ ساڪن حرفن جي مجموعي جو نالو بحر آهي. ليڪن بحر جي لغوي معنيٰ وڏو درياهه آهي. شعر جي وزن جو نالو بحر رکڻ، تنهن جو سبب هي آهي ته جهڙي طرح درياهه مان ٻيون ڪيتريون نهرون ڪڍيون وڃن ٿيون تهڙي طرح هڪ بحر مان ڪيترائي زحاف ظاهر ٿي لفظن کي موزون ۽ مرڪب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. زحافن جو بيان هن کان پوءِ ڌار ڏنو ويندو.
بحر کي جن لفظن سان ترتيب ڏني وڃي ٿي تن کي اصول، ارڪان، افاعيل، امثال، موازين، اجزا ۽ اوزانِ عروض به چون ٿا. جنهن ميزان ۾ شعر کي تورجي ٿو، تنهن جو نالو بحر آهي.
ڪل مشهور بحر 19 آهن، جن مان 15 بحر (اوزانِ شعر) ابو عبدالرحمان الخليل ايجاد ڪيا، تن جا نالا هي آهن:
(1) طويل، (2) مديد، (3) بسيط، (4) ڪامل، (5) وافر، (6) هزج،
(7) رمل، (8) رجز، (9) منسرح، (10) مضارع، (11) سريع، (12) خفيف،
(13) محبتث، (14) مقتضب، ۽ (15) متقارب (تقارب).
بحر متدارڪ جو اضافو ابوالحسن اخفش ڪيو. باقي ٽي بحر:
(1) جديد، (2) قريب، ۽ (3) مشاڪل، اهلِ فارس (ايرانين) ٻن سئو سالن کانپوءِ ايجاد ڪيا.
مٿي ذڪر ڪيل 19 بحرن مان طويل، مديد، بسيط، وافر ۽ ڪامل عربي لاءِ مخصوص آهن ۽ جديد، قريب ۽ مشاڪل فارسي لاءِ مخصوص آهن.
اِهي مٿيان اَٺ بحر، جي عربي ۽ فارسي لاءِ مخصوص آهن تن تي اردو ۽ سنڌي جي، مَس آنڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي.
باقي رهيل يارهن بحرن هزج، رمل، رجز، منسرح، مضارع، سريع، خفيف، محبتث، مقتضب، متقارب ۽ متدارڪ ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان جي سڀني شاعرن عام طرح طبع آزمائي ڪئي آهي.
جي بحر، هڪ رڪن مان ٺاهيا ويا آهن تن کي مفرد ۽ جي ٻن مختلف رڪنن جي ترڪيب سان ٺاهيا ويا آهن تن کي مرڪب چيو وڃي ٿو.
بحر ٻن قسمن جا آهن: (الف) سالم (ب) غير سالم.
الف: بحر سالم، اُن کي چون ٿا جنهن جا سڀ رڪن اصلي حالت تي هجن، مطلب ته جهڙي طرح بحر جا رڪن ٺاهيا ويا آهن. تهڙي طرح ڪتب آندل هجن يعني اُهو رڪن يا بحر جنهن ۾ ڪوبه زحاف نه هجي.
ب: غير سالم، اُهو بحر آهي جنهن جا ڪي يا سڀ رڪن اصلي حالت تي نه هجن، يعني اُهو رڪن يا بحر جنهن ۾ زحاف هجن، غير سالم کي، مزاحف به چوندا آهن.
بحرن جي قطعه:
مفرد بحرن جا نالا ۽ وزن:
مرڪب بحرن جا نالا ۽ وزن:
فڪرِ بحور: جڏهن هڪ بحر جي ڦير ڦار کان ڪو بحر يا بَحَرَ پيدا ٿين ته انکي فڪرِ بحور چون ٿا ۽ جيترا بحر هڪ ٻي بحر مان نڪرن ٿا سي سڀ هڪ دائري مان نڪتل بحر چيا وڃن ٿا. ڇو جو دائرو انڪري ٺاهيو وڃي ٿو ته جيئن هڪ بحر جو ٻي بحر مان ڪڍڻ جو طريقو چڱي طرح سمجهه ۾ اچي. مثلاً بحر هزج جو رڪن مفاعيلن آهي. جنهن ۾ پهرين وتد مجموع (مفا) ۽ انجي پٺيان ٻه سبب خفيف (عي لن) آهن. هاڻ جيڪڏهن انهيءَ رڪن (مفاعيلن) ۾ اهڙي طرح ڦيرڦار ڪئي وڃي جو هڪ سبب خفيف (لن) پهرين رکي، انجي پٺيان وتد مجموع (مفا) ۽ ٻيو سبب خفيف (عي) رکبو ته لن مفاعي پيدا ٿي پوندو جو (فاعلاتن) جي هموزن آهي ۽ اهو فاعلاتن بحر رمل جو وزن آهي. وري جيڪڏهن ٻه سبب خفيف (عي ۽ لن) شروعات ۾ رکي ۽ وتد مجموع (مفا) کي انهن ٻنهي سبب خفيف جي پويان رکبو ته (عيلن مفا) پيدا ٿي پوندو جو مستفعلن جي هموزن آهي ۽ اهو بحر رجز جو وزن آهي. اهڙي قسم جي ڦيرڦار سان ٻيا بحر حاصل ٿين ٿا. انهن بحرن جا دائره ڪتاب ‘سنڌيءَ جو عروض ’ ۾ تمام آسان ڪري ڏنل آهن. هتي صرف انهن بحرن جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي هر دائري ۾ موجود آهن:
(1) دائره مجتلبه: هن دائره جا ٽئي رڪن مختلفه جي دائري مان حاصل ڪيا ويا آهن. اهل عجم هن دائره کي موتلفه به چون ٿا.
هن دائري جو بنياد مفاعيلن جي رڪن تي آهي. هن ۾ ٽي جزا آهن: پهريون وتد مجموع (مفا)، ٻيو سبب خفيف (عي)، ۽ ٽيون سبب خفيف (لن).
1. جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري چار دفعا مفاعيلن لکبا ته اهو بحر هزج جو وزن ٿي پوندو.
2. جيڪڏهن مفاعيلن جي ٻي جز (عي) کان شروعات ڪبي ته چار عيلن مفا برابر چئن مستفعلن جي ٿيندا سبب خفيف (عي) ۽ ٽيون پڻ سبب خفيف (لن). اهو بحر رجز جو وزن آهي.
3. جيڪڏهن مفاعيلن جي ٽئين جز (لن) کان شروعات ڪبي ته چار لن مفاعي برابر چئن فاعلاتن جي ٿيندا. اهو بحر رمل جو وزن آهي.
دائري جي پهرين خاني کان مفاعيلن جي، ٻي خاني کان مستفعلن جي ۽ ٽئين خاني کان فعلاتن جي شروعات ڪبي ته هي ٽي بحر هزج، رجز، رمل پيدا ٿي پوندا.
(2) دائره موتلفه: هن دائري جي رڪنن ۾ الفت آهي ڇو جو سڀ ستن حرفن وارا آهن ۽ وتد مجموع ۽ فاصله صغريٰ مرڪب آهن.
هن دائري جو بنياد مفاعلتن جي رڪن تي آهي، هن ۾ ٻه جزا آهن، پهريون وتد مجموع (مفا) ۽ ٻيو فاصله صغريٰ (علتن).
1 – جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري، چار مفاعلتن لکبا ته اهو بحر وافر جو وزن ٿي پوندو.
2 – جيڪڏهن مفاعلتن جي ٻي جز (علتن) کان شروعات ڪبي ته چار علتن مفا برابر چئن متفاعلن جي ٿيندا. اهو بحر ڪامل آهي.
دائري جي پهرين خاني کان مفاعلتن جي ۽ ٻي خاني کان متفاعلن جي شروعات ڪبي ته هي ٻه بحر وافر ۽ ڪامل پيدا ٿي پوندا.
(3) دائره متفقه: هن دائري جا رڪن متفق (مليل) آهن ڇو جو سڀ وتد مجموع ۽ سبب خفيف مان مرڪب آهن.
هن دائري جو بنياد فعولن جي رڪن تي آهي. هن ۾ ٻه جزا آهن. پهريون وتد مجموع (فعو) ۽ ٻيو سبب خفيف (لن).
1. جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري چار فعولن لکبا ته اهو بحر متقارب جو وزن ٿي پوندو.
2. جيڪڏهن فعولن جي ٻي جز (لن) کان شروعات ڪبي ته چار لن فعو برابر چئن فاعلن جي ٿيندا. اهو بحر متدارڪ جو وزن آهي.
نقشي ۾ پهرين خاني کان فعولن جي ۽ ٻي خاني کان فاعلن جي شروعات ڪبي ته بحر متقارب ۽ متدارڪ پيدا ٿي پوندا.
(4) دائره مختلفه: هن دائري جا رڪن مختلف آهن. ڪي پنجن حرفن وارا ڪي ستن حرفن وارا.
هن دائري جو بنياد ٻن مختلف رڪنن يعني فعولن ۽ مفاعيلن تي آهي انهن ٻنهي رڪنن ۾ پهريون (فعو) ۽ ٽيون (مفا) جز اوتاد مجموعه (وتد مجموع جو جمع) آهن ۽ ٻيون (لن) چوٿون (عي) ۽ پنجون (لن) جز اسباب خفيفه (سبب خفيف جو جمع آهن).
1. جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري ٻه دفعا فعولن مفاعيلن لکبا ته اهو بحر طويل جو وزن ٿي پوندو.
2. جيڪڏهن ٻي جز کان شروعات ڪبي ته ٻه لن مفاعي لن فعو برابر ٻن فاعلاتن فاعلن جي ٿيندا. اهو بحر مديد جو وزن آهي.
3. جيڪڏهن چوٿين جز کان شروعات ڪبي ته ٻه عيلن فعو، لن فعا برابر ٻن مستفعلن؛ فاعلن جي ٿيندا، اهو بحر بسيط جو وزن آهي.
نقشي ۾ پهرين خاني کان فعولن مفاعيلن جي، ٻي خاني کان فاعلاتن، فاعلن جي ۽ چوٿين خاني کان مستفعلن، فاعلن جي شروعات ڪبي ته هي ٽي بحر طويل، مديد، بسيط پيدا ٿي پوندا.
(5) دائره مشتبه: هن دائري ۾ مستفعلن (مجموع الوتد) ۽ مس تفع لن (مفروق الوتد) ۽ فاعلاتن (مجموع الوتد) ۽ فاع لاتن (مفروق الوتد) هڪ ٻئي سان مشتبه ٿين ٿا.
هن دائري جو بنياد مستفعلن مستفعلن مفولات جي رڪنن تي آهي، انهن ٽنهي رڪنن ۾ نو (9) جزا آهن. پهريون (مس)، ٻيو (تف)، چوٿون (مس) پنجون (تف)، ستون (مف) ۽ اٺون (عو) اسباب خفيفه (سبب خفيف جو جمع) آهن. ٽيون (علن) ۽ ڇهون (علن) اوتاد مجموعه (وتد مجموع جو جمع) آهن ۽ نائون (لات) وتد مفروق آهي.
1. جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري هڪ دفعو مستفعلن – مستفعلن – مفعولات لکبو ته اهو بحر سريع جو وزن ٿي پوندو.
2. جيڪڏهن ٻي جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو تفعلن مس – تفعلن مف – عولات مس برابر فاعلاتن – فاعلاتن – مس تفع لن جي ٿيندو. اهو بحر جديد آهي.
3. جيڪڏهن ٽئين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو علن مستف – علن مفعو – لات مستف برابر مفاعيلن – مفاعيلن – فاع لاتن جي ٿيندو. اهو بحر قريب آهي.
4. جيڪڏهن چوٿين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو مستفعلن – مفعولات - مستعفلن - مفعولات - مستعفلن ٿيندو. اهو بحر منسرح آهي.
5. جيڪڏهن پنجين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو تفعلن مف – عولات مس- تفعلن مس برابر فاعلاتن - مس تفع لن - فاعلاتن جي ٿيندو. اهو بحر خفيف آهي.
6. جيڪڏهن ڇهين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو علن مفعو – لات مستف- علن مستف برابر مفاعيلن- فاع لاتن- مفاعيلن جي ٿيندو. اهو بحر مضارع آهي.
7. جيڪڏهن ستين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو مفعولات – مستفعلن - مستفعلن ٿيندو. اهو بحر مقتضب آهي.
8. جيڪڏهن اٺين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو عولات مس – تف علن مس – تف علن مس – برابر مس تفع لن – فاعلاتن – فاعلاتن جي ٿيندو. اهو بحر محبتث آهي.
9. جيڪڏهن نائين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو لات مستف – علن مستف – علن مفعو – برابر فاع لاتن – مفاعيلن – مفاعيلن جي ٿيندو. اهو بحر متشاڪل آهي.
علم عروض تي سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. هن وقت به علم عروض جي شاعري سنڌ ۾ عام ٿي رهي آهي.
علم عروض1 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نقاد ۽ نامور شاعر ڊاڪٽر شيخ ابراهيم محمد ‘خليل’ جو عروضي شاعريءَ جي فن ۽ قانون تي لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ علم عروض جي تاريخ، ارڪان، بحر، شعر جي تقطيع ۽ زحافن سميت شاعري جي ٻين قانون جو مثالن سان تفصيلي بيان ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل پنج باب آهن جن ۾ ترتيب وار هيٺان باب آهن. علم عروض جي بيان ۾، بحر جي بيان ۾، تقطيع جي بيان ۾، مفرد بحرن جي بيان ۾، مرڪب بحرن جي بيان ۾. علم عروض جي قاعدن تي شاعري جي سکيا وٺندڙ نوجوانن لاءِ هيءُ بنيادي ۽ اهم ڪتاب آهي.
هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ادب جي شاگردن لاءِ نصاب ۾ مقرر آهي. هن ڪتاب جي مطالعي مان علم عروض جي وصف کان ويندي تاريخ ۽ اصولن بابت مفيد معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڪتاب جو ديباچو خود مصنف جو تحرير ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب ’سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد‘ پاران 1935ع ۾ ڇپايو ويو، ڪرائون سائيز جو هيءُ ڪتاب 188 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب جو ملهه ڄاڻايل نه آهي.