علياڻي، بھادر خان: ميان عطر خان ڪلهوڙي جي دور ۾ جڏهن کانئس حڪومت هلي نہ سگهي، تڏهن ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي، بھاولپور رياست جي حاڪم محمد مبارڪ خان جي مدد سان سنڌ تي ڪاھہ ڪئي. رستي ۾ خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي، ميان غلام شاھہ سان مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي گهر هليو ويو. خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي کي تڪبر هوندو هو، ميان غلام شاھہ 1170ھہ/1758ع ۾ روهڙي وٽ پهتو تہ ميان عطر خان ۽ سندس لشڪر ۾ لڙائي لڳي. ميان عطر خان شڪست کاڌي ۽ احمد يار خان ڪلهوڙي سان روهڙي مان وڃي قلات پهتو.
ميان غلام شاھہ ۽ سندس ڀائرن ميان عطر خان ۽ احمد يار خان ۾ اقتدار تان ڪافي لڙائيون ٿيون. ميان عطر شڪست کانپوءِ بھاولپور جي اولاهين حصي جي سردار خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي وٽ وڃي پهتو، جيڪو سندس گهاٽو دوست هو. بھادر خان هڪ دفعو پهرين بہ ميان غلام شاھہ سان جنگ ڪري چڪو هو، وري ميان عطر خان اچي مدد گهري تہ هي ٻيهر جنگ لاءِ تيار ٿي ويو. هن جو حامي اختيار خان مدواڻي پڻ هن سان گڏ هو. بھادر خان علياڻيءَ کي بھاولپور رياست جي حاڪم امير محمد مبارڪ خان ڪافي سمجهايو، پر هي ڪو نہ مڙيو ۽ هر حال ۾ عطر خان جي مدد جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هئائين. خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي لشڪر تيار ڪري لڙائيءَ لاءِ سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو، هن سان گڏ ميان عطر خان، ميان احمد يار ۽ اختيار خان مدواڻي هئا. هوڏانهن ميان غلام شاھہ بہ لشڪر وٺي روهڙيءَ کان ميرپور جي طرف وڌيو. اتان ٿورو اڳڀرو وڌي اوٻاوڙي ۾ پهتو تہ سندس سامهون خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي لشڪر سميت موجود نظر آيو. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي لڳي، ميان غلام شاھہ جو چڱو خاصو لشڪر مارجي ويو پر ان هوندي بہ پاڻ لشڪر کي همت ڏياري وڙهندو رهيو، جنگ دوران خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي اچانڪ تنبوءَ مان نڪري اڳتي وڌي آيو تہ باهو نالي هڪ افغان کيس سڃاڻي وٺي گوڙ ڪيو، جنهن تي ميان صاحب جي لشڪر مان گولين جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ ٻہ گوليون بھادر خان کي لڳيون، ميان صاحب جي لشڪر مان ڪنهن ماڻهو هن جي سسي وڍي وڃي ميان غلام شاھہ کي پهچائي انعام حاصل ڪيو. بھادر خان علياڻيءَ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. سندس لاش ميان غلام شاھہ پنھنجي ملازم ڪبير خان علياڻي (بھادر خان جي ڀاءُ) جي حوالي ڪيو. بھادر خان جو ٻيو ڀاءُ قائم خان علياڻي ميان عطر خان، ميان احمد يار خان ۽ اختيار خان کي وٺي جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو. هيءَ جنگ ‘اوٻاوڙي جي لڙائي’ جي نالي سان مشھور آهي.