علياڻي، قائم خان: بھاولپور رياست جي اولاهين پاسي جي هڪ حصي جو سردار خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي هو، قائم خان علياڻي سندس ڀاءُ هو ۽ پنھنجي دور جو وڏو بھادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو. خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي (سردار) ۽ سندس ڀائر ڪبير خان علياڻي ۽ قائم خان علياڻي وڏا بھادر هئا. جڏهن عطر خان جي مدد خاطر خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي لشڪر تيار ڪري ميان غلام شاھہ سان لڙائي ڪرڻ خاطر اوٻاوڙي پهتو، تڏهن قائم خان علياڻي سندس لشڪر جو سپھہ سالار هو. اوٻاوڙي واري لڙائيءَ ۾ جڏهن خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي گولين لڳڻ سبب مري ويو. تڏهن قائم خان علياڻي هڪدم ميان عطر خان ڪلهوڙي ۽ ميان احمد يار خان کي پاڻ سان وٺي جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويو ۽ وڃي پنھنجي سرداري واري علائقي ۾ لڪو. ان کانپوءِ هن وري ڪڏهن بہ سنڌ جو رخ نہ ڪيو. هي واقعو 1172ھہ/ 1758ع ۾ ٿيو.