علياڻي محمد ڄام

علياڻي، محمد ڄام: هي بھاولپور رياست جي حاڪم امير محمد مبارڪ خان جي ويجهن عزيزن مان هو ۽ سندس اميرن ۾ پڻ شامل هو. علياڻي محمد ڄام وڏو بھادر هو. ميان عطر خان جي دور ۾ جڏهن سنڌ جي ماڻهن ۽ اميرن وزيرن ميان غلام شاھہ ڏانهن خط لکيا تہ اوهان اچي سنڌ جي حڪومت سنڀاليو، تڏهن ميان غلام شاھہ بھاولپور جي امير محمد مبارڪ خان کان مدد گهري. هن پنھنجي خاص ماڻهن سان لشڪر ڏئي ميان جي مدد لاءِ موڪليو، خاص ماڻهن علياڻي محمد ڄام، محمد فتح خان (محمد مبارڪ خان جو سڳو ڀاءُ)، مهرو خان ۽ احمد خان فيروزائي شامل هئا. روهڙيءَ ۾ ميان عطر خان ۽ ميان غلام شاھہ جي وچ ۾ خونريز لڙائي لڳي، جنهن ۾ عطر خان کي شڪست آئي ۽ اهو ڀڄي قلات هليو ويو. ميان غلام شاھہ فتح جي خوشيءَ ۾ ٻين سان گڏ محمد ڄام علياڻيءَ کي بہ انعام ۽ اڪرام ڏنا.


لفظ علياڻي محمد ڄامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو