علياڻي، ڪبير خان: هي بھاولپور رياست جي اولاهين پاسي جي هڪ حصي جي سردار خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي جو ڀاءُ هو. ڪبير خان، ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جو خاص ملازم هو. سردار بھادر خان ميان غلام شاھہ ۽ ان جي ڀاءُ ميان عطر خان جي جهيڙي ۾ وچ ۾ آيو ۽ عطر خان جو جو مددگار ٿي ميان غلام شاھہ سان جنگ ڪيائين. ميان غلام شاھہ لشڪر سميت اڀاوڙي ۾ پهتو تہ سامهون خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي لشڪر سميت مليس. ٻنهي ڌرين ۾ زبردست جنگ لڳي، ڪبير خان علياڻي جنگ وڙهندو رهيو پر پنھنجي ڀائرن سردار بھادر خان ۽ قائم خان سان ڪونه وڙهيو. ڪبير خان وڏو بھادر هو، هن ميان غلام شاھہ کي پنھنجي وفاداري ڏيکاريندي مخالف ڌر ۽ پنھنجي ڀاءُ بھادر خان جا ڪيترائي بھادر قتل ڪري ڇڏيا. جڏهن بھادر خان گولين لڳڻ سبب مري ويو، تڏهن قائم خان ميان عطر ۽ احمد يار خان کي پاڻ سان وٺي ميدان مان ڀڄي ويا. جنهن بعد بھادر خان جو لاش ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي پنھنجي ملازم ۽ خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي جي ڀاءُ ڪبير خان علياڻيءَ جي حوالي ڪيو. ڪبير خان، ميان غلام شاھہ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اجازت وٺي پنھنجي ڀاءُ بھادر خان علياڻيءَ جو لاش کڻائي اچي بھاولپور جي اولاهين حصي ۾، جتي بھادر خان جي سرداري هئي، دفن ڪيائين. ان کان پوءِ ڪبير خان علياڻي عزيزن ۽ قريبن کان موڪلائي اچي ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي وٽ حاضر ٿيو.