علي آڪاش
علي آڪاش: شاعر، ليکڪ ۽ نقاد، علي آڪاش جو اصل نالو معشوق علي ولد جان محمد گوپانگ آھي. سندس جنم 15 اپريل 1975ع تي قنبر شھر جي گوپانگ محلي ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم قنبر مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان سوشيالاجي ۽ اردو ادب ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون.کيس شاعري ۽ ڪرڪيٽ سان چاھھ رھيو آھي. پاڻ 1988ع کان شاعري ڪندو پيو اچي. عالمي ادب ۾ روسي ادب جو گهڻو مطالعو ڪيل اٿس. انگريزي ادب جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ترجمو ڪري ڇپائي اٿس. شاعريءَ سان گڏ مختلف موضوعن تي ڪالم پڻ لکندو رھي ٿو، جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. صحافتي حوالي سان 1999ع ۾ عبرت اخبار ۾ سب ايڊيٽر رھيو. جنھن کانپوءِ عبرت ميگزين ۾ جوائنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. شيخ اياز ادبي ميلي ۽ سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي باني ميمبرن مان آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘ڪاڪ ڪناري شام’ (شاعري: 1998ع)، ‘ھينئڙو اوٺي وڳ جيئن’ (شاعري: 2017ع) ۽ ‘شاعريءَ جي بچاءَ ۾’ (مضمون: 2017ع)، ‘پڪا رڇ ڪُنڀار جا’ (شاعري: 2018)، ’نئين ڪوِتا جو بحث ۽ ٻيا مضمون’ (2018ع)، ‘گلابي اڳتي ويندڙ راھھ’ (شاعرن جا خاڪا ۽ سندن شاعري جو ترجمو: 2018ع)، ‘درويش جي تنھائي’ (شاعري: 2019ع) ’ايڪويھون صبح‘ (شاعري؛ 2021ع)، ’هستي درپن سنڌوءَ جو‘ (شاعري: 2022ع)، ’زنگيل سڪن جي ميراث‘ (نثري نظم: 2023) ۽ ’بادلون ڪا دوزخ‘ (اردو نثري نظم: 2025ع) شامل آھن. علي آڪاش ھن وقت سيڊا ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ڪميونيڪيشن جي حيثيت سان ڪم ڪري رھيو آھي.
1975.04.15 عيسوي
شاعر، ليکڪ ۽ نقاد، علي آڪاش جو اصل نالو معشوق علي ولد جان محمد گوپانگ آھي. سندس جنم 15 اپريل 1975ع تي قنبر شھر جي گوپانگ محلي ۾ ٿيو.