علي احمد جمالي

علي احمد جمالي

علي احمد جمالي

علي احمد جمالي: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ناليوارو ڪمپيئر ۽ استاد، علي احمد جمالي، پهرين جنوري 1956ع ۾ ڏيئِي، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ حاجي فتح خان جماليءَ جي گهر پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. 1973ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1975ع ۾ اسلاميہ ڪاليج بدين مان انٽر ڪيائين. 1977ع ۾ بي اي ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس 1973ع ۾ ناليواري براڊڪاسٽر سرور بلوچ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارڙن لاءِ نشر ٿيندڙ پروگرام ۾ متعارف ڪرايو. هي 17 سال ٻارن جي پروگرام جو ڪمپيئر رهيو.
ان کان سواءِ پروگرام سڳنڌ، صبح مهراڻ، اوهان جي فرمائش، يونيورسٽي ميگزين، سرهي سانجهہ، لوچين سي لهن، اوهان جو خط پهتو.پورهيتن لاءِ، جهڙن مشھور پروگرامن جي ڪمپئرنگ ڪيائين. هن ريڊيو جي مختلف پروگرامن لاءِ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن جا انٽرويو ورتا، جن ۾ استاد محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف، روبينا قريشي، زرينا بلوچ، امينا، زيب النساءَ، مائي نور بانو، مائي الھہ وسائي، وحيد علي، قمر سومرو، صادق علي، فيروز گل، رجب علي، دين محمد دمساز، ثمينه ڪنول، فوزيا سومرو، تاج مستاني، رحمان مغل، (سرمد سنڌي) ڦوٽو زرداري ۽ انور حسين وسطڙي سميت ٻيا فنڪار شامل آهن. سندس ورتل انٽرويو اڄ بہ ريڊيو حيدرآباد جي ميوزڪ لائبرريءَ ۾ موجود آهن.
علي احمد جمالي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ ضلعي بدين جو چيئرمين رهيو. ان کان علاوہ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن جو ميمبر ۽ لاڙ ڪلچرل سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ آڊيو وڊيو آفيسر بہ رهيو. کيس مڃتا طور بيشمار اوارڊن ۽ سرٽيفڪيٽن سان نواز يو ويو. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن پاران صوبائي ايڪسيلينس اوارڊ کان سواءِ سچل اوارڊ، مرزا قليچ بيگ اوارڊ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اوارڊ ۽ مولوي حاجي احمد ملاح اوارڊ وغيرہ شامل آهن.
هي گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين ۾ ڊرائنگ ٽيچر هو، جتان کيس 1996ع ۾ جبري طور رٽائر ڪيو ويو. هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.01.01  عيسوي

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ناليوارو ڪمپيئر ۽ استاد، علي احمد جمالي، پهرين جنوري 1956ع ۾ ڏيئِي، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ حاجي فتح خان جماليءَ جي گهر پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رهي رسول بخش
سيد علي شاھہ شائق
علم الدين بلو
شريف سولنگي
سريندر ناٿ
سترامداس ڪولهي پٽيل
شيخ محمد سنڌي
ڪامريڊ الھہ وڌايو انڍڙ
قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي
عمراڻي گل محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون