علي بخش خان شر: خان شر'>علي بخش خان شر، شر برادريءَ جو پڳدار هو. جڏهن خيرپورميرس جي حڪمرانن ماڻهن کان زوريءَ بيگار پئي وهائي، ته هن انهيءَ ناجائزيءَ تي پهريان حڪمرانن وٽ ۽ پوءِ انگلستان جي وائسراءِ وٽ دانهين ٿيو. جنهن تي مسٽر سلادن (Mr. Sladan) جيڪو ICS آفيسر ۽ برطانيا جو نمائندو هو، کي اختيار ڏنا ته ٽالپرن جي اهڙي هلت ۽ بيگار کي بند ڪرائي. جنهن خاص قدم کڻي ميرن جي ڪاردارن کان بيگار وهائڻ ۽ ٻين اهڙين زوراورين ۽ زبردستين کي بند ڪرايو، ۽ رياست مان هميشه لاءِ بيگار بند ٿي وئي. علي بخش شر ان زماني ۾ وڏو سماجي ڪارڪن هو. هو هر اهڙي عمل تي جيڪو ماڻهن لاءِ آزار ثابت ٿئي، آواز اٿاريندو هو. پاڻ 1931ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مقبرو سندس پٽ جو ٺهرايل آهي.