علي بخش خان شر جو مقبرو

علي بخش خان شر جو مقبرو

علي بخش خان شر جو مقبرو

علي بخش خان شر جو مقبرو: هي مقبرو تعلقي گمبٽ ۾ ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ انهيءَ هنڌ ٺهيل آهي، جتي مشهور صوفي فولاد فقير ۽ غلام حيدر گودڙيي جا مقبرا آهن. مقبرو پڪين سرن جو ٺهيل آهي. جنهن جي گاري سان اوساري ٿيل آهي. سڄي مقبري جون سرون اگهاڙيون آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو پلستر ٿيل ڪونه آهي. مقبرو مستطيل رٿ جو آهي. مهاڙي ۾ دروازو اوڀر طرف ڏنل آهي، جيڪو سرن جي پيل پاون ۾ کتل ۽ مٿان لهريدار ونگن سان سنواريل آهي. دروازي جي ٻنهي پاسي تي ونگن سان مستطيل کسي دريون ڏنل آهن. در ۽ درين جي مٿان کسي چونڪا ٺهيل آهن ۽ ان جي مٿان هر پاسي مستطيل چونڪڙو به ٺهيل آهي. دروازي جي مٿان چونڪڙي جي مٿان کسڪن ۾ ونگن ۾ سينگار لاءِ ٻه عدد محرابي دريون ٺهيل آهن. ٻيڙٻنو ڪنگرن سان سنواريل آهي. هر پاسي هڪ پيل پائو زمين تان نڪري ٻيڙٻني تي پهچي ٿو، جيڪو هر ڪنڊ تي ٺهيل آهي. ان جي مٿان منارڙي ۽ ان جي مٿان گنبذڙي ۽ ان جي مٿان ڊگهي نيل رکيل آهي. مهاڙيءَ ۾ اهڙيون چار نيلون هڪ ئي نموني جون آهن. ٻه نيلون ڪنڊ تي ۽ ٻه نيلون دروازي جي مٿان ٺهيل آهن. ڇت تي ڳچ ٺهيل آهي، جنهن جي چوڌاري ڪنگرن جو سينگار ٿيل آهي. ڳچ قبي جي اندران کنيل جوڙ- ڪنڊن تي ٺهيل آهي. گنبذ گول آهي. ان جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو گل ۽ گل جي مٿان ننڍڙي نيل رکيل آهي. حجري ۾ اندر چار قبرون آهن. (1) علي بخش شر، (2) نظام خان، (3) حاجي رسول بخش، (4) بلاول خان. مقبرو سڄو اگهاڙيل سرن سان آهي. هن تي شايد شروع کان پليسر ڪونه ڪيو ويو هو، جو ڪي به اهڙا نشان ڪونه آهن. ڪاٺ جو دروازو موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو