علي بخش ڪمتر

‘: سنڌي ۽ فارسيءَ جي شاعر فقير علي بخش ’ڪمتر‘جي والد جو نالو لال محمد مغل هو. سندن وڏا اصل دهليءَ جا هئا، جتان سندن خاندان 1857ع جي جنگ آزاديءَ بعد سنڌ ۾ آيو ۽ روهڙيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. هن ڪٽنب کي روهڙيءَ ۾’پيڪارا‘ ذات ليکيو وڃي ٿو. ’ڪمتر‘جي محمد محسن ’بيڪس‘ سان صحبت ٿي، جنهن کان فيض حاصل ڪيائين. فارسي توڙي سنڌيءَ ۾ ڪافي شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’ڪمتر‘تخلص ڪتب آندو اٿس. کيس ڪتابت جو وڏو فن هوندو هو. ’بيدل‘ فقير جا سمورا ڪتاب ڪتابت ڪيائين. بيدل فقير جو فارسي ديوان 1321هه/ 1901ع ۾ لکي پورو ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو