علي بغدادي، شيخ: مولانا دين محمد وفائيءَ جي لکڻ موجب شيخ علي بغدادي، قلندر لعل شھباز سان گڏ سيوهڻ ۾ آيو. پاڻ الڪلبي نالي اصحابيءَ جي اولاد مان آهي. هن بزرگ هتي اچي سمن مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس ٻہ فرزند ٿيا. هڪ شيخ اسحاق ۽ ٻيو شيخ آهندو. اڳتي هلي هنن ٻنهي جو اولاد قلندر جي درگاھہ جا متولي ٿيا. سيد علي سرمست جي وفات کان پوءِ قلندر جو سامان، جيڪو امانت ۾
سيد علي سرمست بخاريءَ وٽ هو، سو علي بغداديءَ کي مليو، ۽ پاڻ خليفو ۽ درگاھہ جو خدمتگار مقرر ٿيو. پاڻ سنت اهل جماعت سان واسطو رکندو هو. سندس وفات 1289ع ۾ ٿي. شاھہ حسن ارغون جي حڪومت تائين درگاھہ جا متولي هن خاندان مان هئا. ان کانپوءِ کاٻڙوٺي (سبزواري) سيدن جو درگاھہ تي قبضو ٿيو، جيڪو اڃا هلندو اچي.