علي بندر

علي بندر

علي بندر

علي بندر: هن بندر جا نشان کوسڪي، لنواري شريف ۽ ڪڍڻ واري پڪي رستي وٽ ضلعي بدين جي اوڀر ۾ آهن. هن جي اولهه ۾ ‘ڪيلڙي’ شهر جا کنڊر ڏسجن ٿا، جن کي ‘ڳاڙهو ڀڙو’ به چون ٿا. ‘ڳاڙهو ڀڙو’ سنڌ جي آخري ڏاکڻي سنڌو تهذيب جي سائيٽ آهي. هن دڙي تان ڪوسنگ تمام گهڻا ملن ٿا، جيڪي اصل ۾ سمنڊ سان واسطو رکندڙ وٿ آهي. هي بندر پراڻ نديءَ جو مشهور بندر هو. علي بندر کان پهرين ‘ڪيلڙي’ وڏو پتڻ هو، جتان کان اتر طرف پراڻ جا ٻيا پتڻ ‘ٻيلي وارو پتڻ’، ‘ولهاري پتڻ’ اڄ به ڳڻپ جوڳا آهن. ڪلري پتڻ ۽ ڄار پتڻ به پراڻ جا مشهور پتڻ آهن، جن مان ولهاري پتڻ لڳ نوتيار قوم رهندي آهي ۽ ٻيلي پتڻ جي اولهه ۾ پراڻ جي ڪناري جا آثار ڏيڍ ميل جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن، جتي تمام پراڻا قبرستان آهن، جن مان پير پٺاڻي جو مقام سڀني کان جهونو آهي. ڪيلڙي پتڻ کان ڏکڻ طرف پراڻ تي ‘ماري وارو پتڻ’ اچي ٿو، جنهن کي ‘شڪور جو پتڻ’ به چوندا آهن. ماري واري پتڻ لڳ ‘ماري واري ڀٽ’ ۽ ‘مارو ڳوٺ’ به آهن، جتي قديم دور ۾ جت قوم جي قبيلن ۾ جنگ لڳي هئي، جنهن ۾ جتن جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا هئا. بندر جي وچ ۾ ڏيڍ ميل جو فاصلو آهي.
علي بندر جو اوج ايستائين قائم رهيو، جيستائين پراڻ جو وجود باقي رهيو. پراڻ پور ڇڏيا ته علي بندر جو اوج گهٽيو. علي بندر جو ذڪر 1819ع تائين جي تاريخن ۾ به ملي ٿو، پر پوءِ ختم ٿي ويو.


لفظ علي بندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو