علي بن سهل ربان الطبري: ابو الحسن بن سهل ربان الطبري'>علي بن سهل ربان الطبري مشهور طبيب، طبيعات جو ماهر ۽ نفسيات دان، مرو، ايران جو رهاڪو هو. هن جو دور 810ع کان 855ع تائين ڳڻيو وڃي ٿو. هن جو والد هڪ قابل طبيب ۽ سهڻي ڪتابت جي ڪري مشهور هو، هو بغداد ۾ اچي رهيو. هن خطاطي، حسابداني، فلسفي جي تعليم پنهنجي پيءُ سهل کان ورتي هئي. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هي مطالعي ۾ مصروف ٿي ويو، هن طب جي علم جو گهرائي سان مطالعو ڪيو، هن علم طب تي مڪمل مهارت حاصل ڪئي، هن يوناني ۽ سرياني ٻئي زبانون سکيون، هن طب علم جو درس پڻ ڏنو. هن وٽ طب جي علم جا ڪيترائي شاگرد ايندا هئا.
هي هڪ روشن دماغ ۽ باڪمال طبيب هو. هن کي بغداد ۾ سرڪاري اسپتالن جو نگران مقرر ڪيو ويو هو. هن اسپتالن ۾ بهترين نظم ۽ ضبط قائم ڪيو. هن کي هر قسم جا مريض ڏسڻ جو موقعو مليو، هن انهن جو علاج هوشياري سان ڪيو ۽ علاج جا نوان نوان طريقا اختيار ڪيا. هو پنهنجا تجربا ڊائري ۾ لکندو هو ۽ پوءِ ترتيب ڏيئي ڪتابي صورت ڏيندو هو، هن پنهنجي ڪتاب جو نالو ‘فردوس الحڪمت’ رکيو. هن پهرين طبي ٻوٽين ۽ دوائن جي انسائيڪلوپيڊيا ٺاهي هئي ۽ مشهور مسلمان مفڪر ۽ سائنسدان محمد بن زڪريا رازي سندس شاگرد هو. پاڻ مرو کان لڏي طبرستان ۾ اچي رهيو. حسين نثار جي لکڻ موجب اصل هي زردشتي هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو. پر ڪن تاريخدانن جي چوڻ موجب هو سريائي عيسائي هو. خليفي معتصم بالله (842- 833ع) کيس درٻار ۾ طبيب ڪري رکيو هو.
هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: (1) فردوس الحڪمت،(2) تحفة الملڪ (3) مريض جي کاڌي پيتي جون هدايتون (4) حفظ الصحت، (5) ڪتاب الرقا (6) ڪتاب الحجاما (7) ڪتاب في طبيب الرضيا شامل آهن. سندس ڪتاب ‘فردوس الحڪمت’ دنيا ۾ پهرين طبي انسائيڪلوپيڊيا ڳڻي وڃي ٿي، جنهن جا ڪيترائي باب اڄ به يورپ ۾ پڙهيا وڃن ٿا. جنهن جا ڇهه جلد آهن. هن ڪتاب کي طبري سريائي زبان ۾ ترجمو ڪيو هو. هن پنهنجي ڪتاب کي عربي الفابيٽ موجب جيئن اڄڪلهه انسائيڪلوپيڊيا جا اصول آهن، ان تحت مرتب ڪيو. ‘فردوس الحڪمت’ عربيءَ جو هڪ جامع ۽ اعتبار جوڳو ڪتاب آهي. هن ۾ مصنف جي زندگيءَ جا
سمورا تجربا جيڪي هن بيشمار مريضن جو علاج ڪرڻ کان پوءِ لکيا هئا. هن آب و هوا، موسم، صحت، امراض نسوان، علم توليد ۽ علم حيوانات تي عالمانه انداز ۾ بحث ڪري هر موضوع کي کنيو آهي، فائدن جي ڪري اهو ڪتاب هميشه درسي نصاب ۾ رهيو. هن جو ٻيو ڪتاب ‘حفظ صحت’ آهي، جنهن ۾ صحت کي قائم رکڻ جا اصول ۽ قاعدا ٻڌايا ويا آهن، ٽئين ڪتاب ‘دين ۽ دولت’ ۾ اخلاقي تعليم ۽ معلومات جو قابل قدر ذخيرو آهي. هن ٽالميءَ جي مشهور ڪتاب Alagest (جيڪو طب تي پنهنجي وقت جو تمام وڏو ڪتاب هو) کي پهريون ڀيرو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن بهترين ۽ عظيم شخصيت 865ع ۾ وفات ڪئي. سندس مجسمو حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ گائيني وارڊ جي ٻاهران عمارت ۾ به لڳل آهي.