علي بن سھل ربان الطبري: ابو الحسن بن سھل ربان الطبري'>علي بن سھل ربان الطبري مشھور طبيب، طبيعات جو ماهر ۽ نفسيات دان، مرو، ايران جو رهاڪو هو. هن جو دور 810ع کان 855ع تائين ڳڻيو وڃي ٿو. هن جو والد هڪ قابل طبيب ۽ سھڻي ڪتابت جي ڪري مشھور هو، هو بغداد ۾ اچي رهيو. هن خطاطي، حسابداني، فلسفي جي تعليم پنھنجي پيءُ سھل کان ورتي هئي. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هي مطالعي ۾ مصروف ٿي ويو، هن طب جي علم جو گهرائي سان مطالعو ڪيو، هن علم طب تي مڪمل مهارت حاصل ڪئي، هن يوناني ۽ سرياني ٻئي زبانون سکيون، هن طب علم جو درس پڻ ڏنو. هن وٽ طب جي علم جا ڪيترائي شاگرد ايندا هئا.
هي هڪ روشن دماغ ۽ باڪمال طبيب هو. هن کي بغداد ۾ سرڪاري اسپتالن جو نگران مقرر ڪيو ويو هو. هن اسپتالن ۾ بھترين نظم ۽ ضبط قائم ڪيو. هن کي هر قسم جا مريض ڏسڻ جو موقعو مليو، هن انهن جو علاج هوشياري سان ڪيو ۽ علاج جا نوان نوان طريقا اختيار ڪيا. هو پنهنجا تجربا ڊائري ۾ لکندو هو ۽ پوءِ ترتيب ڏيئي ڪتابي صورت ڏيندو هو، هن پنھنجي ڪتاب جو نالو ‘فردوس الحڪمت’ رکيو. هن پهرين طبي ٻوٽين ۽ دوائن جي انسائيڪلوپيڊيا ٺاهي هئي ۽ مشھور مسلمان مفڪر ۽ سائنسدان محمد بن زڪريا رازي سندس شاگرد هو. پاڻ مرو کان لڏي طبرستان ۾ اچي رهيو. حسين نثار جي لکڻ موجب اصل هي زردشتي هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو. پر ڪن تاريخدانن جي چوڻ موجب هو سريائي عيسائي هو. خليفي معتصم بالله (842- 833ع) کيس درٻار ۾ طبيب ڪري رکيو هو.
هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾: (1) فردوس الحڪمت،(2) تحفة الملڪ (3) مريض جي کاڌي پيتي جون هدايتون (4) حفظ الصحت، (5) ڪتاب الرقا (6) ڪتاب الحجاما (7) ڪتاب في طبيب الرضيا شامل آهن. سندس ڪتاب ‘فردوس الحڪمت’ دنيا ۾ پهرين طبي انسائيڪلوپيڊيا ڳڻي وڃي ٿي، جنهن جا ڪيترائي باب اڄ بہ يورپ ۾ پڙهيا وڃن ٿا. جنهن جا ڇھہ جلد آهن. هن ڪتاب کي طبري سريائي زبان ۾ ترجمو ڪيو هو. هن پنھنجي ڪتاب کي عربي الفابيٽ موجب جيئن اڄڪلھہ انسائيڪلوپيڊيا جا اصول آهن، ان تحت مرتب ڪيو. ‘فردوس الحڪمت’ عربيءَ جو هڪ جامع ۽ اعتبار جوڳو ڪتاب آهي. هن ۾ مصنف جي زندگيءَ جا
سمورا تجربا جيڪي هن بيشمار مريضن جو علاج ڪرڻ کان پوءِ لکيا هئا. هن آب و هوا، موسم، صحت، امراض نسوان، علم توليد ۽ علم حيوانات تي عالمانه انداز ۾ بحث ڪري هر موضوع کي کنيو آهي، فائدن جي ڪري اهو ڪتاب هميشہ درسي نصاب ۾ رهيو. هن جو ٻيو ڪتاب ‘حفظ صحت’ آهي، جنهن ۾ صحت کي قائم رکڻ جا اصول ۽ قاعدا ٻڌايا ويا آهن، ٽئين ڪتاب ‘دين ۽ دولت’ ۾ اخلاقي تعليم ۽ معلومات جو قابل قدر ذخيرو آهي. هن ٽالميءَ جي مشھور ڪتاب Alagest (جيڪو طب تي پنھنجي وقت جو تمام وڏو ڪتاب هو) کي پهريون ڀيرو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن بھترين ۽ عظيم شخصيت 865ع ۾ وفات ڪئي. سندس مجسمو حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ گائيني وارڊ جي ٻاهران عمارت ۾ بہ لڳل آهي.