علي بن محمد المدائني: هيءُ ناميارو مورخ ٽين صدي هجري جي تاريخ نويسن مان هڪ آهي. هن تقريبن 230 ڪتاب لکيا، جن جي فهرست ابن النديم چئن پنجن صفحن ۾ ڏني آهي. سندس اهم ڪتاب ‘اخبار الخلفا’ آهي، جنهن ۾ حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ کان وٺي عباسي خليفي معتصم باالله تائين جا احوال درج آهن. هن 235ھہ مطابق 830ع ۾ وفات ڪئي.