علي بن موسيٰ ديبلي
علي بن موسيٰ ديبلي: هيءُ عالم چوٿين صدي هجري جي وڏن محدثن مان هو ۽ ‘العالم المحدث’ جي لقب سان مشھور ٿيو. سندس تعلق ديبل شھر (سنڌ) سان هو، جتي حديث جو درس ڏيندو هو. ان کان سواءِ بغداد ۾ وڃي بہ حديث جو علم حاصل ڪيائين. ديبل ۾ شيخ خلف بن محمد موازيني ديبليءَ کانئس حديث جي روايت ڪئي.