
علي حسن ماڙيءَ جو دڙو
علي حسن ماڙيءَ جو دڙو: ثقافتي وٿون رکندڙ هي دڙو 26 11’ 18’’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ مقبرو 68 09’ 06’’ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي، ڳوٺ علي حسن ماڙي، ديھہ سمون راهو، تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي. ڳوٺ بھاول ماڙي ماڳ کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. ڳوٺ ڇٽو عمر هڪ ڪلوميٽر ماڳ جي اتر اوڀر ۾، فتح علي ماڙي 500 ميٽر اولھہ ۾، چنان (Channan) ڪئنال ماڳ جي اولھہ ۾ اٽڪل 500 ميٽر، جڏهن تہ سڪرنڊ جو شھر هتان کان 18 ڪلوميٽر اولھہ طرف آهي. ماڳ بيضوي نموني جو ۽ چڱو اوچو آهي. ماڳ جو گهڻو حصو جهنگ ٿي ويو آهي. ماڳ جي مٿاڇري تي تمام ٿوريون وٿون ملن ٿيون. ماڳ اوڀر- اولھہ ۾ 177 ميٽر ڊيگهہ، اتر ڏکڻ ۾ 97 ميٽر ويڪر ۽ 2 ميٽر اوچو آهي.
هتان ملندڙ وٿن ۾ ٺڪراٺو اهم آهي، جنهن ۾ ٿانون جا ڪنا، ترا ۽ مٽن ۽ دلن جا ٽڪرا، ٿالهين جا ٽڪرا، ڍڪڻا ۽ ديڳڙين ۽ ديڳڙن جا ٽڪرا ملن ٿا. عام طور تي ٺڪر هلڪي ڳاڙهي ۽ جهڪي (dull) ڳاڙهي رنگ جو آهي. ٺڪر جي مٽي سٺي ڳوهيل ۽ ٺڪر سٺو پڪل آهي. ٿانون جي ڪنن تي گهرا ڪٽائي جا نشان موجود آهن. ان کان سواءِ ڦڻيءَ چٽ (Comb design) پڻ عام ملي ٿو. ٺڪر ٿلهو ۽ چڪ تي لٿل آهي. ڪن ڪنن تي ٿلها ليڪا ۽ لهريدار ڪاريون ليڪون ڏنل آهن. ڪن ٿانون تي ڄاريءَ چٽ (Net design) بہ ملي ٿي. ڪن ٿانون تي پوروڇوٽ لڪيرون بہ نڪتل آهن. اندازو آهي تہ هي ماڳ 18 صدي عيسويءَ جو هوندو.