علي حيدر

علي حيدر: مشهور ڳائڻو علي حيدر، 22 آڪٽوبر 1967ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ هن ڳائڻ جي خاص مغربي انداز سبب سڄي پاڪستان ۾ مشهوري ماڻي. نه رڳو ڳائڻ ۾ پر هن اداڪاريءَ ۾ به نالو ڪمايو. جنهن وقت علي حيدر اين. اي. ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ انجنيئرنگ پڙهي رهيو هو ته هن ڳائڻ کي پنهنجو مستقبل ڪرڻ جو سوچي ورتو. انهيءَ دور ۾ هن لاهور جي فلم ‘چلو عشق لڙائين’ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هيءَ فلم 2002ع ۾ رليز ٿي. هن ڊراما سيريل ‘چاندني راتين’ جو ٽائيٽل گانو به انهيءَ دور ۾ ڳايو هو. پٽ جي وفات سبب هي ٽن سالن لاءِ فني دنيا کان پري رهيو ۽ 2013ع ۾ هي ٽيليويزن تي واپس آيو ۽ هڪ ٽي. وي سيٽ ڪام ‘ايڪ اور ايڪ ڍائي’ ۾ ڪم ڪيو. هن جا هيٺيان آڊيو ۽ وڊيو البم جاري ٿيل آهن: (1) جان جان سن (1988ع)، (2) چاهت (1989ع)، (3) تونگ (1990ع)، (4) قرار (1991ع)، (5) سنديسه (1993ع)، (6) سانولا سلونا (1994ع)، (7) داستان (1995ع)، جانيا (1996ع)، (9) ماهي (1998ع)، (10) سيشان (1999ع)، (11) جادو (2000ع)، (12) چاندني راتين (2002ع)، (13) تيرا نام ليا تو…، (14) پراني جينس (2006ع)، (15) جاني دور (2007ع)، (16) اسٽاپ اينڊ ٿنڪ (2009ع)، (17) مولا دل بدل دي (2009ع)، (18) شور هي محشر ڪا (2010ع)، (19) ڪي جاڻان مين ڪون (2011ع)، (20) مين هون غلام علي (2012ع)، (21) يا مصطفيٰ يا مصطفيٰ (2012ع) وغيره. هن پنهنجي نالي سان پنهنجو البم ترتيب ڏئي ‘دي بيسٽ آف علي حيدر’ جي نالي سان جاري ڪيو.
علي حيدر پنهنجي والدين کي اڪيلو پٽ آهي ۽ کيس ٽي ڀيڻون آهن. هن 2006ع ۾ شادي ڪئي. سندس سُر جو سفر جاري آهي.


لفظ علي حيدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.10.22  عيسوي

مشهور ڳائڻو علي حيدر، 22 آڪٽوبر 1967ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد سليمان شاهه
پنهور عبدالله
رگهورام شرما
چندرو آتماچندرو آتما
خليفو لائق ڏنو
عبدالله پنهور
سرمد اياز
سرمد سنڌي
مختيار شيدي
ديدار حسين خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون