علي حيدر ملڪاڻي

علي حيدر ملڪاڻي

علي حيدر ملڪاڻي

علي حيدر ملڪاڻي: مشهور استاد ۽ شاعر علي حيدر ملڪاڻي ولد احمد خان 1912ع ڌاري ڳوٺ ملڪاڻي شريف ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن عربي فارسيءَ جي تعليم مخدوم سيف الرحمان ۽ چاچي مولوي غلام محمد ملڪاڻيءَ کان حاصل ڪئي. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ درس تدريس جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. هن شاعريءَ جي سکيا حافظ محمد احسن چني کان حاصل ڪئي. علي حيدر ملڪاڻـي ‘حيدري’ جي تخلص سان شاعـري ڪئـي.هن دوستن سان گڏجي دادو شهر مان هڪ ادبي رسالو ’اسان جي منزل‘ جي نالي سان جاري ڪيو، جيڪو سندس وفات تائين جاري رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ديوان حيدري، (2) رساله حيدري، (3) زيب محفل، (4) غزاليات (سنڌي ترجمو)، (5) گلزار حسن، (6) تحفه معراج النبيصه،(7) عـالـم ربانـي، (8) تـعليـم الـقـرآن (ٽي ڀاڱا)، (9) تحفةء دوست،(10) تاريخ پاڪستان، (11) سولا ڏيهي حساب، (12) سنڌي سونهن،(13) جاگرافي ضلعو دادو، (14) تاريخ سنڌ، (15) سنڌي گرامر، (16) زيب محفل،(17) دبستان حيدري وغيره قابل ذڪر آهن. علي حيدر ملڪاڻيءَ 1953ع ۾ وفات ڪئي. سندس پيڙهيءَ مان الطاف ملڪاڻي نامور اديب آهي.


لفظ علي حيدر ملڪاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو