علي خان بهادر، مير: پير حسام الدين راشدي ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ لکي ٿو ته، ”هزهائينس مير علي خان بھادر ٽالپر دراصل ٽالپر حڪمران گهراڻي جو چشم و چراغ هو، جنهن جي سڄي عمر غريب الوطني ۽ غربت ۾ گذري. هو شعر ۽ شاعريءَ جو ڏاڍو شوقين هو. هي فارسي ۽ سنڌيءَ جو بھترين شاعر هو ۽ اردو ۾ پڻ شعر چوندو هو، پر سندس ڪلام جو ڪو بہ نمونو دستياب نہ ٿي سگهيو آهي. مير صاحب فارسي ڪتاب ’سڪندر نامہ‘ جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو هو.“